اٽو ۽ کنڊ چوري ڪندڙن مٿان فرد جرم لاڳو ڇو نٿي ڪئي وڃي: مريم اورنگزيب

لاهور:   مسلم ليگ(ن) جي مرڪزي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته  اٽي ۽ کنڊ چورن  مٿان فرد جرم لاڳو  ڇو ناهي ڪئي ويندي؟   مسلم ليگ(ن) جي مرڪزي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف مٿان پنجاب ۽ عوام جي خدمت ڪرڻ سبب فرد جرم لاڳو ڪئي وئي آهي پر اٽي ۽ کنڊ چورن مٿان فرد جرم ڇو لاڳو ناهي ڪئي ويندي.  هن چيو ته فرد جرم بي آر ٽي جي 26 ارب جي کڏن تي لاڳو ڇو ناهي ڪئي وئي؟ عوام شهباز شريف مٿان نيب نيازي ڳٺ جوڙ کان پوءِ لاڳو ڪيل فرد جرم کي رد  ڪري ٿي. مريم اورنگزيب چيو ته شهباز شريف تي فرد جرم لڳائڻ ضروري آهي ڇو ته سليڪٽڊ ٽولو هر حوالي سان ناڪام ٿي چڪو آهي. شهباز شريف تي فرد جرم لڳائڻ ضروري آهي ته مهانگائي جي ڳالهه نه ٿئي ۽ ڪشمير بابت ڳالهه نه ٿئي سگهي.  هن چيو ته عوام هڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ 50 لک گهر ڏيندڙ ڪوڙن ووٽ چورن مٿان فرد جرم لاڳو ڪري چڪي آهي. مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو ته عوام ووٽ، اٽي، کنڊ، ۽ دوائن ۾ ڪيل واڌ سبب چور، نالائق ۽ نااهلن مٿان فرد جرم لاڳو ڪري چڪي آهي.  عوام مهانگائي 3 سيڪڙو کان 15 سيڪڙو ڪندڙ چورن تي فرد جرم لاڳو ڪري چڪي آهي. عوام ترقي جي شرح 6 سيڪڙو کان منفي ڪندڙ چورن ۽ ڪوڙن تي فرد جرم لاڳو ڪري چڪي آهي. عوام ميڊيا جي اواز بند ڪندڙن مٿان فرد جرم لاڳو ڪري چڪي آهي.

Read Previous

آءِ جي سنڌ جي اغوا وارو معاملو: (ن) ليگ جاچ رپورٽ عوام آڏو آڻڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

Read Next

موجوده ظالم حڪومت هلندڙ سال ختم ٿيڻ کان اڳ ئي ختم ٿي ويندي: مريم نواز

Most Popular