ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف جي آرمي چيف قمر جاويد باجوه سان ملاقات

اسلام آباد:   ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف جي ايڇ ڪيو جو دورو ڪيو ۽ ارمي چيف سان ملاقات ڪئي. ايراني پرڏيهي وزير ۽ آرمي چيف جي ملاقات دوران گڏيل دلچسپي ۽ علائقائي سلامتي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جڏهن ته ملاقات ۾ افغان مفاهمتي عمل تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان کان اڳ ايراني پرڏيهي وزير پاڪستاني پرڏيهي وزارت جي آفيس جو دورو ڪيو ۽ پاڪستاني هم منصب شاهه محمود قريشي سان به ملاقات ڪئي هئي. ايراني پرڏيهي وزير پرڏيهي وزارت ۾ ٻوٽو به لڳايو. محمد جواد ظريف وزيراعظم عمران خان ۽ صدر  ڊاڪٽر عارف علوي سان به ملاقات ڪندو. ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف گذريل ڏينهن ٻن ڏينهن جي دوري تي گذريل ڏينهن پاڪستان پهتو هو. پاڪستان پهچڻ تي پرڏيهي وزارت جي اختيارين پاران پاڪستان ۾ ايران جي سفير سيد محمد حسيني ۽ ايراني سفارتخاني جي اعليٰ اختيارين سندس استقبال ڪيو هو.  ايران جي پرڏيهي وزير سان گڏ سياسي ۽ اقتصادي ماهرن تي ٻڌل اعليٰ سطحي وفد به پاڪستان جي دوري تي آيو آهي.  مهمان پرڏيهي وزير سان گڏ ايران جو افغانستان بابت خاص نمائندو محمد ابراهيم  طاهريان به موجود آهي. ياد رهي ته ايران جو پرڏيهي وزير محمد جواد ظريف هڪ اهڙي وقت ۾ پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهتو آهي جڏهن آمريڪا ۾ ٿيندڙ صدارتي چونڊن ۾ موجوده صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي شڪست ملي چڪي آهي ۽ جوبائيڊن آمريڪا جو نئون صدر چونڊجي ويو آهي. ماضي ۾ ايران سان ڊيموڪريٽ صدر باراڪ اوباما هڪ ڊيل ڪئي هئي جنهن کي موجوده امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ رد ڪري ڇڏيو هو جنهن جي نتيجي ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ لاڳاپا ڇڪتاڻ وارا ٿي ويا هئا.

Read Previous

موجوده ظالم حڪومت هلندڙ سال ختم ٿيڻ کان اڳ ئي ختم ٿي ويندي: مريم نواز

Read Next

چونڊ نتيجا تبديل ٿي ويندا، منهنجي سوڀ يقيني آهي: ڊونلڊ ٽرمپ

Most Popular