سڪرنڊ : ڊويزنل ڪمشنر شهيد بينظيرآباد سيد محسن علي شاھ چيو آهي ته ڪردار انسان کي هميشه زنده رکندو آهي خاص ڪري اهي

سڪرنڊ (رپورٽ: علي اصغر چوهاڻ) ڊويزنل ڪمشنر شهيد بينظيرآباد سيد محسن علي شاھ چيو آهي ته ڪردار انسان کي هميشه زنده رکندو آهي خاص ڪري اهي ڪردار کيرون لهڻ جن ڪووڊ 19 ۾ پنهنجي زندگي داءُ تي لڳائي اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ عام ماڻھن کي هن بيماري کان بچايو هُو شاھ سچل سامي فائونڊيشن پاران ڪووڊ 19 دوران خدمتون سر انجام ڏيندڙن مختلف شعبن جي شخصيتن کي ايوارڊ ڏيڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو هن چيو ته ڪورونا سان جهيڙيدي زندگيءَ جا کوڙ سارا تجربا ٿيا توڙي جو زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو نئون تجربو پڻ ٿيو پر ڪورونا کانسواءِ زندگيءَ ۾ ڪافي شيون سکڻ ۽ ڪرڻ پڻ مليون ڊپٽي ڪمشنر نوابشاھ ابرار احمد جعفر چيو ته مون وٽ لفظ ناهن جو مان پنهنجا احساسات يا جذبات اوهان شيئر ڪري سگهان هڪ ته ڪووڊ 19 جي خاتمي ۾ ڪيل ڪوششن عيوض مونکي مڃتا ايوار ۽ دستار بندي سان نوازيو ويو ٻيو لالا ارشد خاصخيلي جنهن نموني اسان سان ڪووڊ 19 ۾ سهڪار ڪيو اها به تاريخ آهي هن چيو ته اڄوڪي تقريب ان ڪري به اهميت واري آهي جو هن ۾ مها شخصيتن کي سندن خدمتن عيوض ايوارڊ ملي رهيا آهن جنهن سان وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي سگھ پيدا ٿئي ٿي ان کان اڳ شاھ سچل سامي فائونڊيشن جي چيف ايگزيڪيٽو لالا ارشد خاصخيلي آيل مهمانن کي ڀليڪار چوڻ سان گڏ پروگرام جي مقصد تي ڳالهائيندي چيو ته ڊسٽرڪٽ انتظاميه جنهن نموني ڪورونا جي روڪٿام ۾ ڪردار ادا ڪيو انهن کي ايوارڊ ڏيڻ پنهنجو اخلاقي فرق سمجهي هي پروگرام ترتيب ڏنو جڏھن ضلعي انتظاميه کانسواءِ صحت کاتي ۽ صحافين پڻ پاڻ ملهايو جن جي حوصله افزائي لاءِ کين مڃتا ايوارڊ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ان موقعي تي سينئر صحافي اسماعيل ڊومڪي شاھ سچل سامي جي ڪارڪردگي تي تفصيلي ڳالهايو تقريب ۾ عاشق حسين زرداري ، ڊاڪٽر يار علي جمالي ، غلام سرور چاچڙ ، مبين احمد پرهياڙ ، ڊاڪٽر سعيده بلوچ ، ڊاڪٽر نصير احمد ميمڻ سميت اهم شخصيتن شرڪت ڪئي پروگرام دوران فهيم علڻ فقير عارفانه ڪلام پيش ڪري داد وصول ڪيو آخر ۾ ڪووڊ ۾ مثالي ڪردار ادا ڪرڻ تي لالا ارشد خاصخيلي کي پڻ دستاربندي ڪرائي وئي

Read Previous

ملاح برادري پاران پوليس جو ملازم جي گرفتار ڪري رشوت وٺڻ خلاف وارثن جو سجاول ٿاڻي جي اڳيان احتجاجي مظاھرو

Read Next

سڪرنڊ جي سينئر صحافي حيدر خانزانده جي گهر تي حملي ۽ تشدد جي خلاف مٽياري جي قلم ڌڻين پاران مٽياري ميڊيا ھائوس تي احتجاجي مظاهرو ڪيو مظاھري

Most Popular