سڪرنڊ جي سينئر صحافي حيدر خانزانده جي گهر تي حملي ۽ تشدد جي خلاف مٽياري جي قلم ڌڻين پاران مٽياري ميڊيا ھائوس تي احتجاجي مظاهرو ڪيو مظاھري

سڪرنڊ جي سينئر صحافي حيدر خانزانده جي گهر تي حملي ۽ تشدد جي خلاف مٽياري جي قلم ڌڻين پاران مٽياري ميڊيا ھائوس تي احتجاجي مظاهرو ڪيو مظاھري جي اڳواڻي صحافي رياض چانڊيو، جي، ايم بابو خاصخيلي ، بابو محمود خاصخيلي، ضمير حسين خاصخيلي، عبدالغفور ملاح، علي فيضان خاصخيلي، شاهد  خاصخيلي، ديپيڪ ڪمار جيراماڻي، شبير احمد ملاح شاهد ميمڻ، اسدﷲ ميمڻ، شهباز شمس ميمڻ، عبدالرئوف خاصخيلي، مصطفيد خاصخيلي ۽ ٻين ڪئي ان موقعي تي صحافين جو چوڻ هو ته سڪرنڊ جي صحافي سينيئر صحافي حيدر خانزادہ گذريل ڏينهن حيدر خانزادہ ايڪس سائيز وارن هڪ ٽالر ڊرائيور تي تشدد ڪيو جنهن کان پوءِ هن ٽالر ڊرائيور پنهنجا پاڻ کي باھ ڏئي پنهنجي پاڻ کي ساڙي ڇڏيو جيڪا خبر حيدر خانزادہ اها خبر نجي ٽي وي تي اها خبر بريڪ ڪرائي جنهن کان پو ڪجهه ماڻهن حيدر خانزادہ جي گهر تي حملو ڪري هن جي فيملي مٿان سخت تشديد پڻ ڪيو مٽياري جي صحافين جو چوڻ هو هي صحافي جو آواز دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي  حيدر خانزادہ جي گهر تي حملو آزاد صحافت تي حملو آهي صحافين چيو ته هميشه صحافين مٿان حملا ڪري آزاد صحافت تي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي اسان اهڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ۽ وزير اعلي سنڌ، آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي حيدرآباد، ۽ ايس ايس پي نوابشاهه کان مطالبو ڪيو ته حيدر خانزادہ جي گهر تي حملو ڪندڙ خلاف ڪارروائي ڪري حيدر خانزادہ سان انصاف ڪيو وڃي ۽ فوري نوٽيس ورتو وڃي نه ته سموري سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا

Read Previous

سڪرنڊ : ڊويزنل ڪمشنر شهيد بينظيرآباد سيد محسن علي شاھ چيو آهي ته ڪردار انسان کي هميشه زنده رکندو آهي خاص ڪري اهي

Read Next

ڪنڌرا لڳ داراواهڻ جي گورنمنٽ ڪيمپس پرائمري اسڪول جي بلڊنگ جي ڇت ۽ ديوارن ۾ ڏار پئجي ويا آھن

Most Popular