ملاح برادري پاران پوليس جو ملازم جي گرفتار ڪري رشوت وٺڻ خلاف وارثن جو سجاول ٿاڻي جي اڳيان احتجاجي مظاھرو

سجاول:(ڊر)سجاول ۾ پوليس پاران ٽائون جي  ملازم کي گرفتار ڪري رشوت وٺڻ خلاف وارثن جو سجاول ٿاڻي جي اڳيان احتجاجي مظاھرو.پوليس شڪيل ملاح کي گرفتار ڪري مٿس منشيات جو ڪيس داخل ڪيو آھي.ست ھزار روپيا اسان کان ورتا ويا ته ست ھزار روپيا ڏيو پوء شڪيل کي آزاد ڪنداسين رشوت به ڏني پر پوليس پئسا وٺي ان تي ڪيس داخل ڪيو آھي.احتجاج ڪندڙ  خبرموجب:رات ڌير سان ٽيماڻي کان ٻڍو ٽالپر  ميلي تي ويندڙ ملاح برادري جا ماڻھو فيملي سان گڏ وڃي رھيا ھئا.ته روڊ تي سي آئي اي پوليس چيڪنگ ڪري بلا جواز نالي شڪيل ملاح کي گرفتار ڪري ڇڏيو.جنھن کانپوء اسان پوليس سان ڳاله ٻوله ڪئي انھن چيو ته ڏھن ھزار ڏيو ته پوء اسان شڪيل کي آزاد ڪنداسين.اسان پوليس کي ست ھزار روپيا ڏنا جنھن کانپوء پوليس اسان جي ماڻھو تي ھڪ سئو گٽڪن جي پرين جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي. پوليس  کي پوري رشوت نه ڏيڻ ڪري اسان جي ماڻھن تي ڪيس داخل ڪيو آھي.ھوڏانھن ايس ايڇ او سجاول آفتاب جاگيراڻي ٻڌايو ته آئون گذڙيل ڏينھن کان موڪل تي آھيان مونکي خبر ناھي ته معاملو ڇا آھي.

Read Previous

سجاول ۾ جاگرتا سوشل نيٽ ورڪ پاران ´ روشن مستقبل جي واٽ `جي عنوان ھيٺ جاگرتا سيمينار ٿي گذريو

Read Next

سڪرنڊ : ڊويزنل ڪمشنر شهيد بينظيرآباد سيد محسن علي شاھ چيو آهي ته ڪردار انسان کي هميشه زنده رکندو آهي خاص ڪري اهي

Most Popular