ڪنڌرا لڳ داراواهڻ جي گورنمنٽ ڪيمپس پرائمري اسڪول جي بلڊنگ جي ڇت ۽ ديوارن ۾ ڏار پئجي ويا آھن

ڪنڌرا (رپورٽر ) ڪنڌرا لڳ داراواهڻ جي گورنمنٽ ڪيمپس  پرائمري  اسڪول جي بلڊنگ جي ڇت ۽ ديوارن ۾ ڏار  پئجي ويا آھن۔ ٻارن جي زندگيء کي خطرو تدارڪ جي گهر تفصيل موجب ڪنڌرا ڀرسان شهر داراواهڻ جي اسڪولن جي حڪومت جي بي ڌياني سبب حالت ڳڻتي جوڳي ٿيندي پئي  هڪ اسڪول زبون هجڻ سان گڏوگڏ مڪمل بند به ٿي چڪو آهي هڪ اسڪول جيڪو هاءِ اسڪول داراواهڻ سان بلڪل لڳو لڳ آهي ان جي حالت پڻ زار آهي ديوارن ۽ ڇت ۾ هنڌان هنڌان ڏار پئجي ويا آهن ڪنھن وقت ڪوبه حادثو پيش اچي سگهي ٿو اسڪولي ٻارڙن کي هر وقت اهو خطرو ذهن نشين آهي ته ڪنهن وقت به اسڪول جو ڪري سگهي ٿو ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته اسان ٽي اي او ، ڊي اي او ، ڊائريڪٽر  جن کي لکت ۾ درخواستون ڏنيون آھن پر ڪوبه آفيسر ايجوڪيشن ورڪس هجي ايس ڊي او هجي يا انجنيئر هجي هن وقت تائين ڪيترائي مرتبا درخواستون ڏيڻ جي باوجود اسڪول جي بلڊنگ جو معائنو ڪرڻ  ڪرڻ جي لاءِ ڪو لڙي به ناهي آيو ائين محسوس ٿي رهيو آهي جو اسان ڳوٺاڻن جي درخواستن کي ڪچري جي ٽوڪري ۾ ڪنھن اڇلائي ڇڏيو  هجي داراواهڻ جي ڳوٺاڻن هر هڪ خير محمد، محمد فريد، قدير حسين موريجو قادر بخش شيخ، اظهار حسين دلشاد ۽ ٻين تعليم جي منسٽر ۽ وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته داراواهڻ جي پرائمري اسڪول کي نئين بلڊنگ ڏني وڃي جيئن ٻارن جي زندگيء کي محفوظ ڪري سگھجي

Read Previous

سڪرنڊ جي سينئر صحافي حيدر خانزانده جي گهر تي حملي ۽ تشدد جي خلاف مٽياري جي قلم ڌڻين پاران مٽياري ميڊيا ھائوس تي احتجاجي مظاهرو ڪيو مظاھري

Read Next

ڪنڌرا کان ڪنڊڙي ويندڙ روڊ جو ڪم غير تسلي بخش ڪچو پٿر استعمال روڊ جي تڪميل کان پهريان ٽٽڻ جو خدشو

Most Popular