مورو شھر جي شھيد محترمہ بينظير ڀٽو چلڊرين پارڪ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ء تعلقي ايڊمنسٽريٽر مورو پاران ٻن ڏينھن لاءِ "”مورو ايجوڪيشنل گالا”” تقريب منعقد ڪئي وئي

مورو شھر جي شھيد محترمہ بينظير ڀٽو چلڊرين پارڪ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ء تعلقي ايڊمنسٽريٽر مورو پاران ٻن ڏينھن لاءِ "”مورو ايجوڪيشنل گالا”” تقريب منعقد ڪئي وئي جڏھن تہ سائنس جي عالمي ڏھاڙي جي سلسلي ۾ سائنسي، ثقافتي، تعليمي ڪتابي اسٽال پڻ لڳايا ويا، جنھن جو افتتاح اسسٽنٽ ڪمشنر مورو احسان اللہ يوسفزئي پٺاڻ، نذير احمد ميمڻ، محمد خان ڏاھري، دوست علي سولنگي، اظفر سعيد ميمڻ، سيد محسن علي شاھ، اسلم عباسي ء ٻين ربن ڪاٽي ڪيو، جڏھن تہ خاص مھمانن ۾ ڊاڪٽر غلام سرور ٻگھيو، محمد ياسين جيسر، مظھر علي ميمڻ ۽ ٻيا ھئا. ھن گالا تقريب ۾ مختلف سرڪاري توڙي نجي اسڪولن پاران الڳ الڳ سائنسي ثقافتي پروجيٽ تيار ڪري اسٽال لڳايا ويا جنھن ۾ سائنس متعلق شيون ۽ ماڊل تيار ڪيل ھيا. جتي ايندڙ سياسي سماجي علمي ادبي حلقي سان واسطو رکندڙن نوجوانن، فيمليز شاگردن ء شاگردياڻين کي آگاھي ڏيندي خوب داد حاصل ڪيو، جڏھن تہ شاگردن شاگردياڻين پاران بلڊ چيڪ ڪرڻ ھڪ لائيبريري نما اسٽال قائم ڪيو جتي بلڊ وٺي بلڊ گروپ ٻڌايو ويو. ان کان علاوہ استاد ذاڪر حسين ميمڻ طرفان ڪاٺ سان ھٿ جي ٺاھيل مينارن تاريخي شين جا ماڊل ٺاھيل ھيا جڏھن تہ پينٽر مصور استاد برڪت پيرزادو طرفان پڻ ھڪ اسٽال لڳايو جتي تاريخ سان گڏ مختلف شخصيتن جون ھٿ سان ٺاھيل تصويرون پڻ رکيل ھيون ء سگا شاخ ظرفان ڪتابي اسٽال لڳايو ويو. ھن تقريب ۾ اسٽريٽ لائيبريري جو پڻ بنياد رکيو ويو آھي جتي مختلف ماڻھن طرفان ڪتاب ڏيڻ جو سلسلو جاري رھيا ء انھي جو افتتاح اڄ ڪمشنر شھيد بينظير آباد سيد محسن علي شاھ ڊپٽي ڪمشنر راؤ بلال شاھد افتتاح ڪيو،ھن رنگا رنگ تقريب م ايندڙ فيمليز، سياسي سماجي اڳواڻن شھرين نوجوانن ۽ والدين تفريح سان گڏ ڄاڻ حاصل ڪئي ء خوب داد ڏنو، ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر احسان اللہ يوسفزئي پٺاڻ چيو تہ اسان جي اھا پھرين ڪوشش آھي تہ جيئن شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم، تفريح راند روند ۽ سائنس سميت ٻين شعبن ۾ اڳتي نڪري سگھن ۽ وڏين مقابلن ۾ حصو وٺي سگھن، جڏھن تہ مورو ايجوڪيشنل گالا ميلي ۾ اڳوڻو صوبائي وزير ضياءِ الحسن لنجار دورو ڪري لڳل مختلف اسٽالن جو معائنو ڪيو، جڏھن تہ رات جي وقت ادبي مشاعرو ڪرايو ويو جنھن جي صدارت سنڌ جي ناليواري اديب رکيل مورائي ڪئي ء امداد حيدر سولنگي، فائزہ سولنگي، علي اصغر ڪورائي، محمد خان ڪورائي، غلام اصغر ڪورائي پڻ شرڪت ڪئي جتي ھنن چيو تہ ھن فيسٽيول جو اصل مقصد شاگردن ء شاگردياڻين م ذھني صلاحيت پيدا ڪرڻ آھي ء ھن م سائنس متعلق شين کي سمجھڻ ٺاھڻ جي ڄاڻ حاصل ٿيندي ء سنڌي ڪلچرل ڪارنر جي ڪري ٻارن م سنڌ جي تاريخ پڙھڻ جو پڻ رجھان وڌندو، اسان جي ڪوشش آھي تہ اسان شاگردن شاگردياڻين کي سٺي تعليم سان گڏ دنيا جي ٻين شين متعلق ڄاڻ ڏيون تہ جيئن اھي ھر شعبي م پنھنجو پاڻ مڃرائي پنھنجي زندگي جي اصل مقصد ء منزل تي پھچي سگھن. سرڪاري، پرائيويٽ اسڪولن جا استادن، ٽيچرس، شاگردن، شاگردياڻي ۽ والدين سميت ھر مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙن فيسٽيول ۾ اچي مختلف اسڪولن جي شاگردن جا مختلف شين تي ٺاهيل ماڊل ڏسي استادن، ٽيچرس جي ڪارڪردگي تي داد ڏنو. جڏھن تہ انتظاميہ طرفان آيل مھمانن کي اجرڪ پارائي گلدستہ تحفي م پيش ڪيا ويا. ايجوڪيشنل گالا تقريب م شام جي وقت ھڪ مشاعري جي نشست ٿي جنھن جي صدارت ناليواري شاعر اديب ليکڪ رکيل مورائي ڪئي جڏھنبتہ مھمان خاص غلام مصطفيٰ دايو ريجنل ڊائريڪٽر شھيد بينظير آباد ھيو، ان کان علاوہ امداد حيدر سولنگي، فائزہ سولنگي، خالد ساحل ڪيريو، وزير فرھاد سولنگي، اعجاز دونگھ، عنايت سولنگي، اظفر سعيد ميمڻ، اظھار مخدوم، احمد گل سولنگي، اشرف سولنگي، سيد حسن شاھ صوفاڻي، پير شمس الدين، بابر مقدر ميمڻ، صفدر نول، محمد خان ڏاھري، سيد محسن علي شاھ، اسلم عباسي، غلام اصغر چانڊيو، علي اصغر ڪورائي، لطف اللہ عباسي، اعجاز ڪورائي، اعظم ڪورائي ء ٻين شرڪت ڪئي ھن مشاعري جي نشست تقريب م شاعرن پاران شاعري پيش ڪئي جن کي سرٽفڪيٽن سان نوازيو ويو ھن مورو ايجوڪيشنل گالا م مختلف اسڪولز جن م يونائيٽيڊ پبلڪ اسڪول مورو، گورنمينٽ گرلس ھاء اسڪول مورو، راشد مورائي گورنمينٽ ھاءِ اسڪول مورو ٽاؤن ڪيمپس، انٽيليجنسا پبلڪ اسڪول مورو، اقراء پبلڪ ھائير سيڪنڊري اسڪول مورو، ويزن ايجوڪيشنل سسٽم مورو، آئيڊيل پبلڪ اسڪول مورو، ماروي گرلس ڪاليج مورو، گورنيمٽ بوائز ھاء اسڪول مورو، گورنمينٽ مھراڻ ڊگري ڪاليج مورو اسٽريٽ لائيبريري، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو شاخ ڪتابي ميلو، جناح انسٽيٽيوٽ آف ماڊرن سائنس ء ٽيڪنالوجي مورو، ايور گرين پبلڪ اسڪول مورو، شمع پراؤڊ پبلڪ ھاءِ اسڪول مورو، ٿري ڊي اسٽار ڪمپيوٽر سينٽر مورو، روشن تارا ھاء اسڪول مورو، GBLSS وارڊ نمبر 1 دستگير ڪالوني مورو ڪيمپس، فاسٽريڪ پبلڪ اسڪول مورو، گورنمينٽ بوائز ھاءِ اسڪول گچيرو اولڊ، حسنين انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالوجي مورو،شمع ڪمپيوٽر سينٽر مورو، گورنمينٽ بوائز لوئر سيڪنڊري اسڪول درس ڪيمپس مورو، پارس پبلڪ اسڪول ء آل پرائيويٽ اسڪولز ايسوسيئيشن تعلقہ مورو صدر، علي پبلڪ اسڪول مورو، ميونسپل ڪاميٽي مورو، مورو بواء اوپن گروپ اسڪاؤٽ، مورو پريس ڪلب، سنڌ بينڪ لميٽيڊ مورو سميت ٻين مختلف تنظيمن پڻ پنھنجو حصو ڳنڍيو..

Read Previous

روشني پبلڪ اسڪول مقيم ڪيريو جي سوين شاگردن کي درسي ڪتاب نه مليا ٻارڙن جي تعليم تباھ

Read Next

نوابشاهه اٺھٺ روڊ تي مرزا اسٽاپ وٽ بُھه کڻي ويندڙ ٽرڪ ڊرائيور ۽ گاڏي مالڪن جو موٽروي پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

Most Popular