روشني پبلڪ اسڪول مقيم ڪيريو جي سوين شاگردن کي درسي ڪتاب نه مليا ٻارڙن جي تعليم تباھ

سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن طرفان هلندڙ روشني پبلڪ ھاء اسڪول مقيم ڪيريو ۾ پڙهندڙ ڇھين کان ميٽرڪ جي سوين شاگردن توڙي شاگردياڻين کي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران جاري ڪيل نئين ڪورس جا ڪتاب نه مليا، ان حوالي سان اسڪول جي هيڊ ماستر استاد صلاح الدين مري، شاگردن جي والدين علي دوست ملوکاڻي، نور الله ڪيريو، مير حسن ڪيريو کان علاوه شاگردن تبسم ملوکاڻي، زينب، غلام عباس چانڊيو، نور محمد ڪيريو، عرفان حيدر شاھ ء ظفر چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هڪ ته ڪورونا ايمرجنسي سبب اڳم ئي اٺ مھينا اسڪول بند هجڻ ڪري تعليم متاثر ٿي چڪي آهي مٿان وري سنڌ حڪومت جي لاپرواهي سبب ڇھين کان ميٽرڪ تائين جي ڪورس جا ڪتاب نه ملڻ ڪري اسان جي تعليم ويتر تباھ ٿي رهي آهي هنن وڌيڪ چيو ته لاڳاپيل ڪورس ڇهين کان اٺين جي سائنس، حساب، انگريزي ء سوشل اسٽڊي، نائين جو مڪمل ڪورس ء ڏهين درجي جي فزڪس، ڪيمسٽري، انگريزي ء اردو جا ڪتاب اسان کي ناهن ملي سگهيا جنهن جي ڪري اسان جي تعليم سخت متاثر ٿي رھي آھي، ان موقعي تي هنن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اسان جي اسڪولن ۾ رهيل ڪورس جا ڪتاب نه پھچايا ويا ته اسان مجبورن ڪورٽ سڳوري جو در کڙڪائينداسين ڇاڪاڻ جو تعليم اسان جو بنيادي حق آهي. ان موقعي تي هنن ڪمشنر ء ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد کان پرزور مطالبو ڪيو ته فوري طور اسان کي رهيل ڪورس مڪمل ڪري ڏئي اسان جي رهيل تعليم تباھ ٿيڻ کان بچائي وڃي.

Read Previous

ڪنڌرا کان ڪنڊڙي ويندڙ روڊ جو ڪم غير تسلي بخش ڪچو پٿر استعمال روڊ جي تڪميل کان پهريان ٽٽڻ جو خدشو

Read Next

مورو شھر جي شھيد محترمہ بينظير ڀٽو چلڊرين پارڪ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ء تعلقي ايڊمنسٽريٽر مورو پاران ٻن ڏينھن لاءِ "”مورو ايجوڪيشنل گالا”” تقريب منعقد ڪئي وئي

Most Popular