جوبائيڊن پنهنجي پراڻي دوست کي وائٽ هائوس جو چيف آف اسٽاف مقرر ڪري ڇڏيو

واشنگٽن:   نئين چونڊيل آمريڪي صدر جوبائيڊن پنهنجي پراڻي دوست کي وائٽ هائوس جو چيف آف اسٽاف مقرر ڪري ڇڏيو آهي.  برطانوي ميڊيا موجب جوبائيڊن 1980ع کان پاڻ سان گڏ خدمتون انجام ڏيندڙ رون ڪلين کي چيف آف وائٽ هائوس اسٽاف مقرر ڪري ڇڏيو آهي. رون ڪلين 1980ع ۾ جوبائيڊن سان گڏ سينيٽ ۾ خدمتون انجام ڏنيون ۽ هو نائب صدارت جي دور ۾ به جوبائيڊن سان گڏ ڪم ڪندو رهيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب رون ڪلين اڳوڻي صدر اوباما جي دور ۾ ان جي سينئر نائب جي طور تي ڪم ڪري رهيو هو جڏهن ته هو اڳوڻي آمريڪي نائب صدر الگور جو چيف آف اسٽاف به رهي چڪو آهي. آمريڪي صدارتي چونڊون 2000 جي  حوالي سان ٺهندڙ هڪ فلم ري ڪائونٽ ۾ آمريڪي اداڪار ڪيون اسپيسي رون ڪلين جو ڪردار ادا ڪيو هو. ميڊيا رپورٽن موجب وائٽ هائوس جي چيف آف اسٽاف جي ذميوارين مان صدر جو روزاني جو شيڊول جوڙڻ شامل آهي جڏهن ته هي هڪ سياسي مقرري ٿي آهي جنهن ۾ سينيت جي اجازت جي صرورت ناهي هوندي.  نئين چونڊيل صدر پنهنجي نئين ٽيم جي حوالي سان هڪ بيان جاري ڪيو جنهن ۾ هن رون ڪلين کي ان جي خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪيو. جوبائيڊن چيو ته هن وقت اسان جنهن بحران کي منهن ڏئي رهيا آهيون ان دوران ملڪ کي ٻيهر گڏ ڪرڻ جي لاءِ رون ڪلين وٽ عزم ۽ سمون سياسي ماڻهن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو اهو تجربو آهي جنهن جي وائٽ هائوس جي چيف اسٽاف ۾  هجڻ جي ضرورت آهي. رون ڪلين جوبائيڊن جي سربراهي ۾ 1989ع کان 1992ع تائين بطور چيف ڪونسل آف سينٽ جوڊيشري ڪمپني به ڪم ڪيو آهي جڏهن ته هو 1988ع ۽ 2008 جي وائٽ هائوس ڪمپنيز ۾ بائيڊن جو صلاحڪار ۽ اسپيچ رائٽر به رهي چڪو آهي.

Read Previous

ثانيه مرزا پاران پٽ کي دعائون سيکارڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل

Read Next

جوبائيڊن دنيا ۾ امن، هم آهنگي ۽ اتحاد آڻيندو: اداڪاره ريما

Most Popular