جوبائيڊن دنيا ۾ امن، هم آهنگي ۽ اتحاد آڻيندو: اداڪاره ريما

لاهور: شادي کانپوءِ شوبز انڊسٽري ڇڏي آمريڪا ۾ ترسيل اداڪاره ريما چيو آهي ته آمريڪا جو نئون صدر دنيا ۾ امن، هم آهنگي ۽ اتحاد آڻيندو. اداڪاره اسنٽاگرام تي پنهنجي تصوير شيئر ڪندي آڳوڻي امريڪي صدر ابراهام لنڪن جو قول لکيو ته تقريبن سمورين مشڪلاتن کي منهن ڏئي سگهون ٿا پر جيڪڏهن توهان ڪنهن جو ڪردار پرکڻ چاهيو ٿا ته ان کي طاقت ڏيو. ان قول جي تناظر ۾ ريما نئين چونڊيل آمريڪي صدر جوبائيڊن جي حوالي سان لکيو اسان کي اميد آهي ته جوبائيڊن پوري دنيا ۾ امن، هم آهنگي ۽ اتحاد آڻيندو.

Read Previous

جوبائيڊن پنهنجي پراڻي دوست کي وائٽ هائوس جو چيف آف اسٽاف مقرر ڪري ڇڏيو

Read Next

اليڪشن ڪميشن سنڌ اسيمبلي جي ميمبرز جي اثاثن جا تفصيل پڌرا ڪري ڇڏيا

Most Popular