اليڪشن ڪميشن سنڌ اسيمبلي جي ميمبرز جي اثاثن جا تفصيل پڌرا ڪري ڇڏيا

ڪراچي:   اليڪشن ڪميشن سنڌ اسيمبلي جي ميمبرز جي مالي اثاثن جا تفصيل پڌرا ڪري ڇڏيا آهن. سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه 23 ڪروڙ 35 لک روپين کان وڌيڪ اٿاثن جو مالڪ آهي. ان وٽ ڏيڍ ڪروڙ جي ملڪيت جون 2 گاڏيون آهن.  سنڌ جي وڏي وزير کي امڙ جي طرفان 100 تولا سون تحفي ۾ مليو. ان جي ڌيءَ جي نالي ڊي ايڇ اي ۾ 3 ڪروڙ روپين جي ماليت جا 2 پلاٽ آهن. سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آغا سراج دراني 10 ڪروڙ 20 لک روپين کان وڌيڪ اثاثن جو مالڪ آهي. فريال ٽالپر 39 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ اثاثن جو مالڪ آهي. ان وٽ 980 گرام جا زيور ۽ هڪ ڪروڙ روپين کان وڌيڪ ماليت جون 3 گاڏيون آهن. تعليم واري صوبائي وزير سيد غني وٽ 2 ڪروڙ 31 لک روپين جا اثاثا آهن. سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني وٽ 100 تولا سون آهي. اليڪشن ڪميشن موجب سنڌ جي اطلاعات وارو وزير ناصر حسين شاهه 31 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ اثاثن جو مالڪ آهي. هن 477 تولا سون ظاهر ڪيو آهي. سنڌ جي صوبائي وزير سهيل انور سيال وٽ 9 ڪروڙ 28 لک روپين جا اثاثا آهن. پي ٽي آءِ اڳواڻ فردوس شميم نقوي 33 ڪروڙ 40 لک ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ 2 ڪروڙ کان وڌيڪ اثاثن جو مالڪ آهي.  ياد رهي ته ان کان اڳ اليڪشن ڪميشن سينيٽ جي ميمبرن جي اثاثن جا تفصيل جاري ڪيا هئا. تاج محمد آفريدي امير ترين سينيٽر آهي جنهن جي اثاثن جو انگ هڪ ارب 22 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ آهي. جڏهن ته امير جماعت اسلامي سراج الحق غريب ترين سينيٽر آهي جنهن وٽ 3 لک کان وڌيڪ جا اثاثا موجود آهن.

Read Previous

جوبائيڊن دنيا ۾ امن، هم آهنگي ۽ اتحاد آڻيندو: اداڪاره ريما

Read Next

متحده باني جو نالو انتهائي گهربل دهشتگردن جي لسٽ ۾ شامل

Most Popular