اسلام آباد: وفاقي جاچ ايجنسي(ايف اءِ اي) متحده باني الطاف حسين جو نالو انتهائي گهربل دهشتگردن جي لسٽ ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي. ايف آءِ اي جي دهستگردي جي انت واري ونگ 1210 انتهائي گهربل دهشتگردن جي لسٽ جاري ڪئي آهي جنهن ۾ متحده باني الطاف حسين جو نالو به شامل آهي. ايف آءِ اي طرفان جاري ڪيل ريڊ بڪ ۾ الطاف حسين، افتخار حسين، محمد انور ۽ ڪاشف ڪامران جو نالو انتهائي گهربل دهشتگردن جي لسٽ ۾ شامل ڪيا ويا آهن. چئني جوابدارن تي ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڊاڪٽر عمران فاروق جي قتل جو الزام آهي.