پاڪ فوج ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهي، سندن حمايت جاري رهندي: آرمي چيف

اسلام آباد:   آرمي چيف قمر جاويد باجوه چيو آهي ته پاڪ فوج ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهي ۽ سندن حمات جاري رکنداسين.  رپورٽ موجب آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل پريس رليز موجب آزاد ڪشمير جي وزيراعظم راجا فاروق حيدر سان ڳالهيون ڪندي آرمي چيف قمر جاويد باجوه ڪشميرين جي حمايت جاري رکڻ جا ارادا ظاهر ڪيا آهن. آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، لائن آف ڪنٽرول جي صورتحال ۽ والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرقانوني قبضي تي ڳالهين جي ڏي وٺ ڪئي وئي.  ياد رهي ته گذريل هفتي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو هو ته ڪشمير مسئلو اسان جي  پرڏيهي پاليسي جو اهم ٿنڀ آهي.

Read Previous

فوج سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون:مريم نواز

Read Next

ڪورونا جي ڪنهن به ويڪسين کي عالمي سطح تي منظوري ناهي ملي: ڊبليو ايڇ او

Most Popular