ڪورونا جي ڪنهن به ويڪسين کي عالمي سطح تي منظوري ناهي ملي: ڊبليو ايڇ او

جنيوا: صحت جي عالمي اداري واضح طور تي چئي ڇڏيو آهي ته اڃان تائين اهڙي ڪابه ويڪسين ناهي تيار ٿي جنهن کي عالمي سطح تي منظوري ملي هجي. ڊبليو ايڇ او وڌ کان وڌ ڪورونا ويڪسين تيار ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته وائرس جي خلاف اسان کي وڌيڪ ويڪسين جي ضرورت پوندي. وڌ کان وڌ ويڪسين وڌيڪ ماڻهن کي فائدو پهچائي سگهي ٿي. مخصوص ويڪسين حامله عورتن ۽ بزرگ ماڻهن لاءِ وڌيڪ محفوظ ٿي سگهي ٿي. ڊبليو ايڇ او چيو آهي ته اسان جو مقصد آهي ته 2021 ۾ تقريبن 20 سيڪڙو آبادي کي ويڪسين فراهم ڪئي وڃي.  ڪجهه ويڪسينن تي مرحليوار قدم کنيا پيا وڃن. صحت جي عالمي اداري تنبيهه ڪئي آهي ته لاعلمي ۽ بي احتياطي اسان کي ڪورونا ۾ مبتلا ڪري سگهي ٿي. سڄي دنيا ۾ دوائون تيار ڪندڙ ڪمپنيون هن وقت ڪورونا وائرس جي ويڪسين تيار ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيون آهن. روس پنهنجي ٺاهيل ڪورونا ويڪسين جي 90 سيڪڙو کان وڌيڪ  بهتر هجڻ جي دعويٰ ڪئي هئي.   رپورٽون آهن ته آمريڪي ۽ جرمن ڪمپني جي تيار ڪيل ڪورونا وائرس جي ويڪسين ٽئين مرحلي ۾ به ڪامياب ثابت ٿي وئي آهي. آمريڪي ڪمپنيز ڪورونا ويڪسين جي وڏي پيماني تي تياري لاءِ قدم کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن ته جيئن منظوري جي صورت ۾ فوري طور تي ويڪسين کي مارڪيٽ ۾ آڻي سگهجي. فائزر ڪمپني جي تيار ڪيل ويڪسين جي ڪلينيڪل ٽرائل جاري آهي ڪامياب ٽرائلز ۽ باضابطه منظوري کان پوءِ ڊسمبر ۾ ويڪسين جون 10 ڪروڙ خوراڪون ملي سگهنديون.

Read Previous

پاڪ فوج ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهي، سندن حمايت جاري رهندي: آرمي چيف

Read Next

شهيد سڄڻ ناريجو ڪيس ۽ چپ ويٺل خيرپور ضلعي جا سياسي واڳئون

Most Popular