شهيد سڄڻ ناريجو ڪيس ۽ چپ ويٺل خيرپور ضلعي جا سياسي واڳئون

جاويد ناريجو

سوشل ميڊيا، اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا تي هاءِ لائيڊ بڻيل جيڪو اشو آهي اهو صرف ۽ صرف بيگناهه شهيد ڪيل شاگرد محمد سڄڻ ناريجو جو ڪيس آهي جنهن جي ناحق ٿيل خون سڀني ناريجا قبيلو توڙي انسانيت پيار ڪندڙ ۽ حق کي حق چوندڙ هرف فرد جي زبان اهو ئي چئي رهي آهي ته جسٽس آف سڄڻ ناريجو يعني انصاف ڪيو سڄڻ ناريجو جي خون سان. اوهان ڏٺو ۽ ٻڌو هوندو ته هڪ هفتي کان مٿي عرصو گذري ويو آهي ته بينگاهه شهيد ڪيل 14 سالن جي شاگرد جي خون سان هن محل تائين قانون جي رکوالن ۽ پاڻ کي عوام جا هڏ ڏوکي چوندڙ هتان چونڊيل ڪامورا چپ ڪري ويٺا آهن جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ناريجا قبيلي سان ڪيڏو ظلم ٿي رهيو آهي ۽ فيض محمد ٻنڊو کي نوگو ايريا بڻايو ويو آهي اتي روز پوليس جون موبائيل گاڏيون بڪتر بند گاڏيون پرائيوٽ گنڊا کڻي وڃي ريڊ ڪري رهيون آهن ۽ اتان جي خوشحال ۽ پر امن ناريجن جا مال گاڏين ۾ وجهي پوليس پنهنجون ڪکيون ڀري رهي آهي پوليس جي ان عمل جي جيتري به مذمت ڪجي اها گهٽ آهي. اسان جو ناريجو قبيلو صديون پراڻون قبيلو آهي جيڪو پنهنجي ديس ۽ ويس سان پيار ڪندڙ آهي پياري پاڪستان کي دل سان چاهيندو آهي پر ڪجهه سال اڳ اسان جي قبيلي تي زبردستي هڪ ليبل لڳايو ويو هيو اهو ڪنهن لڳايو هيو اهو به اوهان ڄاڻيندو هوندئو ناريجا قبيلي کي هميشه ڌاڙيل سڏيو ۽ سمجهيو ويو آهي پر ان جي ابتڙ آهي ته هن قبيلي ماڻهن تي ظلم ڪري ڀاڳيلو بڻايو ويو آهي اسان ته اصل کان وٺي ظلم جي خلاف آهيون پر هتي ناريجا قبيلي سان ويڌن لڳي پئي آهي. آخرڪار دانهن ڏجي ته ڪنهن جي در ڏجي انصاف عدالت ضلعي خيرپور ميرس مان ڄڻ لڏي وئي هجي هتي ڪامرون ۽ ڪارين رڍن جو راڄ آهي جنهن کي جيڪو هٿ اچي ٿو هڻي هنڌ ٿو ڪريس جيستائين ڪنهن مسڪين جا مائٽ اٿن تيستائين اهو مسڪين قبر ڀيڙو ٿي وڃي ٿو ۽ ٻي ڏينهن اخبارن ۽ ٽي وي چينل تي ڏسبو آهي ته ڦلاڻي تي 10 لک انعام هيو پوليس کي ته بس انعام حاصل ڪرڻو هوندو اهي اڳلو ڀلي گهور ڪندڙ پورهيت ڇو نه هجي. اوڍا، الرا، جتوئي، ۽ ناريجن جي جهيڙي کي پوليس هٿ سان وڌائي رهي آهي جنهن جو مثال تازو قتل ڪيل شاگرد آهي جنهن کي هن محل تائين پوليس ڪوڙيون دعوائون ڪري رهي آهي ته شاگرد ڌاڙيل هيو جنهن جي تصوير ميڊيا ۾ آئي آهي ۽ اها ڏهه سال پراڻي آهي نااهل پوليس واران کي سمجهائي ڪير ته جنهن وقت شاگرد قتل ڪيو ويو آهي اها تصوير ۽ ٻيون تصويرون فريش لڳي رهيون آهن. جيڪڏهن ڏهه سال پراڻي تصوير آهي ته ان وقت سڄڻ ناريجو چئن سالن جو هيو ڇا ڪير چئن سالن ۾ ايترو وڏو ٿي ويندو جيترو تصويرن ۾ آهي؟ سڄڻ ناريجو جي قتل پويان ڪيترائي سياسي توڙي پوليس جا آفيسر ملوث آهن جن مان سرفهرست جاويد عالم اوڍو آهي جيڪو برادري تڪرار کي هٿي وٺرائي رهيو آهي ۽ هي ڪارروائي به ايس ايس پي خيرپور ظاهري يا اندروني ان جي هدايتن ڪئي ۽ شاگرد کي قتل ڪري پاڻ کي هيرو بڻجڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي. خيرپور جي جيلاني، وساڻن، پيرن ميرن توڙي ٻين چونڊيل ڪامورن هن محل تائين ڪا به هن واقعي جي سار نه لڌي آهي ۽ صرف ناريجا قبيلو هر محاذ تي سراپا احتجاج بڻجي ويو آهي. هن معصوم جي خون سان انصاف ڪرائڻ لاء ناريجا قبيلو وسان نه گهٽائي رهيو آهي ۽ ڏينهن رات انصاف جي پڪار ڪري رهيو آهي پر افسوس آهي هر شهر ۾ احتجاج ٿي رهيا آهن پر سرڪاري عملدار چپ جو روزو رکي ويٺا آهن. پر افسوس ته هن ناحق خون جو ڪنهن سرڪاري ڪاموري توڙي چونڊيل نمائيندن نوٽيس ورتو آهي ۽ نه ئي هن محل تائين واقعي ۾ ملوث ڪارين رڍن ۽ جهيڙو ڪندڙ اوڍن۔ جتوئين ۽ ڀٽن خلاف ڪارروائي ٿي سگهي آهي جيڪڏهن ڪا ڪارروائي ٿي آهي ته اها به فيض محمد ٻنڊو ۾ ڪئي وئي آهي پوليس جهيڙيندڙ ڌرين سان گڏجي ناريجن جا لکين رپين جا سولر ٽيوبويل فائرنگ ڪري ناڪاره بڻايا ويا آهن ۽ گهرن کي بلڊوز ڪري پوليس ايئن ظاهر ڪري رهي آهي ته ڄڻ فيض محمد ٻنڊو واسي طالبان هجن هنن سان ايڏو وڏو ناحق لڳو پيو آهي پر ڪنهن ٻلي جي مرڻ تي احتجاج ڪندڙ تنظيمون خاموش ايئن ڪري ويهي رهيون آهن ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي نه هجي هتي ته هن واقعي تي چائلڊ پروٽيڪشن تنظيمن جي اڳواڻن جي اکين کي ڄڻ ڪنهن بند ڪري ڇڏيو هجي ته هو ڏسن ئي نٿيون ناريجا قبيلي اڄ ڏينهن تائين هر قبيلي سان ٿيندڙ ظلم خلاف آواز اتاريو آهي پر هن ڏکي وقت ۾ اسان جو ڪو قبيلو الائي ڇو ٻانهن ٻلي ٿيڻ کان لنوائي رهيو سنڌي ۾ چوڻي آهي ته جهاڳي جهاڳي نيٺ ڪناري پهچبو آهي تنهن چوڻي وانگر اسان جو قڀيلو ۽ ان ون معزز شخصيتون به هڪ نه هڪ ڏينهن انصاف حاصل ڪري وٺنديون پوليس اسان جي قبيلي کي الائي ڇو امن امان سان رهڻ نٿي ڏئي هر روز اسان جا ڪيترائي سڄڻ شهيد ٿي رهيا آهن پر چوندا آهن ته جنهن کي رب چاهيندو آهي عزت ڏيندو آهي جنهن کي رب چاهي زلت ڏئي ان وانگر الله سائين اسان جي قبيلي کي عزت بخشي آهي جنهن جا اسين رب پاڪ شڪر ادا ڪندا آهيو مخالف ڀلي هر هربو هلائين پر هنن جو ناڪامي مقدر بڻجي ويندي۔ هن سانحي جا هن وقت ميڊيا تي اڻ ڳڻيا ثبوت پيا آهن ته سڄڻ ناريجو بيگناهه شهيد ڪيو ويو آهي پوليس گاڏين ۾ ڏوهاري ماڻهو ويٺل ڏسي به معصوم جي خون سان انصاف نه پيو ڪيو وڃي ۽ قبيلي جي ماڻهن کي باغي ڪيو پيو وڃي۔ اسان جي قبيلي جون معزز شخصيتون هر فورم تي آواز اٿاري رهيون آهن پر ڪجهه نالي واريون شخصيتون چپ ويٺيون آهن ۽ الائي ڪنهن جو انتظار ڪري رهيون آهن هنن کي عرض ڪجي ٿو ته هو هن ناحق خون سان انصاف ڪن ۽ شهيد جي وارثن جو سهارو بڻجن ۽ جيلانين، وساڻن ۽ کرل کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندڙ ٿورو سوچين ته معصوم جي شهادت سان انصاف هنن نه ڪيو آهي ۽ اسين به هنن سان واسطا ۽ رابطا ختم ڪيون۔ اهو ته سڀني کي هن وقت علم ٿي ويو هوندو ته ايس ايس پي خيرپر ڇو ناريجن کي زبردستي ڌاڙيل ڪلچر طرف راغب ڪري رهيو ان جي پويان اسان جي ضلعي جا سياسي نمائيندا آهن جن کان نه جي او سي پنو عاقل ميجر جرنل غلام شبير ناريجو ۽ تعليم وارو سيڪريٽري احمد بخش برداشت ٿي رهيو آهي نه ئي وري اسان جي قبيلا جا پڙهيا لکيا نوجوان هو ڊيوٽين ۾ ڏسي رهيا آهن پ پ اڳواڻ ظاهري نه ته اندروني طرح ناريجن سان دل ۾ بغض رکيو ويٺا آهن هر موڙ تي ناريجن سان ظلم ڪرائي رهيا آهن جنهن جو واضح مثال گمبٽ جي هڪ معزز شخصيت برداشت نه ٿي هن سان ظلم ڪرائڻ لاء ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن۔
هتان جي ضلعي جا سياسي ڀوتار هاڻ پاڻ کي اڪيلو سمجهي رهيا آهن هنن کي خبر پئجي وئي آهي ته اسان جي سياسي وجود کي هن واقعي لوڏي ڇڏيو آهي سڄڻ جا ساٿي هن جي وارثن سان هن ڏکئي وقت ۾ گڏ آهن ۽ هاڻ مشتاق سرڪي به ميدان ۾ آهيو آهي پهرين ڏينهن کان وٺي ناريجا ايڪٽو آهن۔ کوڙ سارا ناريجا هن ظلم تي ڏينهن رات دانهين رهيا آهن ۽ هنن جو شروعات کان وٺي انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو رهيو آهي هو پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن۔ هتي انصاف هڪ صورت ۾ ملندو ته سنڌ حڪومت جي آء ٽي جوڙي ۽ ان کي کليل آزادي ڏني وڃي ته سڌا خون جا پير ضلعي جي پوليس ۽ سياسي پنڊتن ڏانهن ضرور ويندا خدارا شهيد جي خون سان انصاف ڪيو وڃي ۽ اسان جي قبيلي کي جهيڙن طرف ڌڪڻ کان بچايو وڃي ڇو جو اسان اصل کان جهيڙن جي مخالف ڪئي آهي پر جاويد عالم اوڍو جڙا آفيسر زبردستي ناريجا قبيلي جي ماڻهن کي باغي ڪري رهيا آهن۔ خدارا اسان جي قبيلي کي نه ڇيڙيو وڃي ۽ عزت سان رهڻ ڏنو وڃي۔ ڇهن ڀينرن جي ڀاءَ جو پوليس ۽ سياسي ماڻهو خون لوڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن جنهن سان ناريجا قبيلو پاڻ کي غير محفوظ سمجهي رهيو آهي ۽ انصاف لاء قانوني در کڻائي رهيو ۽ قانون جي انصاف جو در کولي اسان سان انصاف ڪيو وڃي قبيلي جي ماڻهن ۾ ڦهليل بيچيني ختم ڪئي وڃي۔ سڄڻ ناريجو نه ڪو ڏوهاري هيو ۽ نه ئي ڪو وڏو ظالم هيو جو ان سان ظلم ڪري بيگناهه شهيد ڪيو ويو اسان اميد ظاهر ڪري رهيا آهيون ته معصوم جو خون پوليس جي ڪارين رڍن جي ڳچيءَ ۾ پوندو ۽ انهن جي پاسداري ڪندڙ سياسي ڪامورا به عدالت جي ڪٽهڙي ۾ هوندا۔ شھيد سڄڻ ناريجو جي خون سان انصاف لاء آواز اچو ته اٿاريون ۽ ناريجا قبيلو گڏ ٿي طاقت جو مظاهرو ڪري ۽ ناريجا قبيلي جون تنظيمون هر مهاذ تي آواز اٿارين ڇو نه ڀلي ڪٿي به ناريجا آفيسر آهن اهي اتي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائين ته جيئن هن معصوم جي خون سان انصاف ٿي سگهي.

Read Previous

ڪورونا جي ڪنهن به ويڪسين کي عالمي سطح تي منظوري ناهي ملي: ڊبليو ايڇ او

Read Next

ٺٽو: شهر ۾ معصوم ٻارڙن تي ڇتي ڪُتي جا حملا، ڏاڙهي سخت زخمي، انصاف جي اپيل

Most Popular