ٺٽو: شهر ۾ معصوم ٻارڙن تي ڇتي ڪُتي جا حملا، ڏاڙهي سخت زخمي، انصاف جي اپيل

ٺٽو(ڊر يار محمد ميربحر) مڪلي تي ڇتي ڪُتي حملو ڪري 3 معصوم ٻارڙن کي ڏاڙهي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جنکي سول اسپتال مڪلي منتقل ڪيو ويو، جتان نازڪ حالت ھجڻ ڪري کين ڪراچي موڪليو ويو، تفصيل موجب مڪلي جي ورڪشاپ ڪالوني واري علائقي ۾ هڪ ڇتي ڪُتي حملو ڪري 3 معصوم ٻارڙن الهبخش بروهي، مُدثر گندرو ۽ عبدالستار بروهي سخت زخمي ڪري وڌو، ڇِتي ڪتي ٻارڙن تي حملو ڪري سندن منهن جي حصي کي ڦَٽي ڇڏيو، جڏھن تہ هڪ ٻار جي اک متاثر ٿيڻ جو خدشو پڻ برقرار آھي، جنھن ڪري معصوم ٻارڙن کي فوري طور تي ڇتي ڪُتي جي زهر کان بچاء واري ويڪسين سول اسپتال مڪلي ۾ لڳائي کين ڪراچي ريفر ڪيو ويو، سول اسپتال مڪلي جي انتظاميه موجب مُنهن جي حصي ۾ ڇتي ڪتي جي زخمن جي علاج لاء ويڪسين صرف ڪراچي ۾ لڳائي ويندي آهي، جڏهن ته متاثر ٿيندڙ ٻارڙن جي زخمن کي ڀَرڻ لاء سرجري به ضروري هوندي آهي، اهڙي صورتحال ۾ خرچ به وڌيڪ اچي ٿو، ٻئي طرف معصوم ٻارڙن جي زندگين کي بچائڻ ۽ ڪُتن جي آزار کان نجات ڏيارڻ لاء ضلعي انتظاميه ڪوبه نوٽيس ناھي ورتو. ۽ نہ ئي ٺٽي ضلعي اندر ميونسپل توڙي ٽائون ڪميٽين جي انتظاميه پاران ڪُتا مار مهم شروع نه ٿيڻ ڪري معصوم ٻارڙا ڪُتن جي نشاني تي آھن. ياد رھي تہ هڪ مهيني دوران هڪ سئو 81 ماڻهن کي ڪُتن ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو آھي، جيڪي سول اسپتال ٺٽو ۾ رپورٽ ٿيا آھن، جن ۾ اۡڪثريت ٻارڙن جي آھي، ھتان جي رھواسين ضلعي انتظاميه، چونڊيل نمائندن سميت ميونسپل ۽ ٽائون ڪميٽين جي انتظاميہ کان مطالبو ڪيو آھي تہ ڪتا مار مھم شروع ڪري ماڻھن کي انھن جي آزار مان نجات ڏياري وڃي.

Read Previous

شهيد سڄڻ ناريجو ڪيس ۽ چپ ويٺل خيرپور ضلعي جا سياسي واڳئون

Read Next

پنوعاقل : چونگاھ چوڪ ڀرسان ڪوچ جو ڊاٽسن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪرڻ دوُران ڪوچ ڪلٽي 9 مسافر زخمي

Most Popular