سکر(رپورٽ۔امداد علي گل ڪلوڙ) :- ميونسپل ڪارپوريشن سکر ۾ جعلي بھرتين وارو معاملو ۔سکر جي احتساب عدالت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو ، احتساب عدالت جي جج فريد انور قاضي ٻن اڳوڻن ٽي ايم اوز کي ڏوھ ثابت ٿيڻ تي ڏنڊ قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي ، اڳوڻو ٽي ايم او طفيل سومرو کي ڏھ سال قيد ۽ ڏيڊ ڪروڙ ڏنڊ ۽ آڳوڻو ٽي ايم او وقار سومرو کي اٺ سال قيد ۽ ھڪ ڪروڙ روپين ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آھي ، اڳوڻو ٽي ايم او طفيل سومرو تي 276 ۽ وقار سومري تي 72 جعلي بھرتين جو ريفرنس ڪيس داخل ھو ، سال 2009 کان 2012 تائين ھڪ گريڊ کان 15 گريڊ تائين جعلي بھرتيون ڪيون ويون نيب طرفان جعلي بھرتين ڪرڻ جو ٻنھي جوابدارن تي ريفرنس داخل ڪيو ھو ، ٻھي جوابدار ضمانت تي آزاد ھئا ، عدالت طرفان سزا ٻڌائڻ بعد جوابدارن کي گرفتار ڪري جيل اماڻيو ويو