ڪشمور ۾ 6 سالن جي معصوم نياڻي عليشا ۽سندس امڙ سان زيادتي خلاف سانگهڙ ۾ احتجاجي مظاهرو

سانگهڙ( رپورٽ ) ڪشمور ۾ 6 سالن جي معصوم نياڻي عليشا ۽سندس امڙ سان ٿيل عبرتناڪ ظلم خلاف سانگهڙ جي سماجي ڪارڪنن پاران پريس ڪلب سانگهڙ آڏو احتجاجي مظاهرو ان موقعي تي ميونسپل ڪميٽي سانگهڙ جي اڳوڻي چيئرمين دلبر خان نظاماڻي، عامر راجپوت ، عظیم رونجھو ۽ٻين چيو ته ڪشمور واقعي انسانيت جا سمورا ليڪا لتاڙي ڇڏيا آهن ٽن ڏينهن تائين معصوم نياڻي ۽سندس امڙ کي وحشيت جو نشانو بڻايو ويو جنهن جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي ھنن مطالبو ڪيو ته اھڙن درندن کي سرعام ڦاسي ڏني وڃي 

Read Previous

احتساب عدالت جي جج فريد انور قاضي ٻن اڳوڻن ٽي ايم اوز کي ڏوھ ثابت ٿيڻ تي ڏنڊ قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي

Read Next

دادو ڊپٽي ڊائريڪٽر اينيمل هسبنڊري آفيس دادو ۾ ضلع دادو جي وٽنري ڊاڪٽرن جي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي

Most Popular