احتساب عدالت جي جج فريد انور قاضي ٻن اڳوڻن ٽي ايم اوز کي ڏوھ ثابت ٿيڻ تي ڏنڊ قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي

سکر(رپورٽ۔امداد علي گل  ڪلوڙ) :- ميونسپل  ڪارپوريشن  سکر ۾ جعلي بھرتين وارو معاملو ۔سکر جي احتساب عدالت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو ، احتساب عدالت جي جج فريد انور قاضي ٻن اڳوڻن ٽي ايم اوز کي  ڏوھ ثابت ٿيڻ تي ڏنڊ قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي ، اڳوڻو ٽي ايم او طفيل سومرو کي ڏھ سال قيد ۽ ڏيڊ ڪروڙ ڏنڊ ۽ آڳوڻو  ٽي ايم او وقار  سومرو کي اٺ سال قيد ۽ ھڪ ڪروڙ روپين ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آھي ، اڳوڻو ٽي ايم او طفيل سومرو تي 276  ۽ وقار سومري تي 72 جعلي بھرتين جو ريفرنس  ڪيس داخل ھو ، سال 2009 کان 2012  تائين  ھڪ گريڊ کان 15 گريڊ تائين جعلي بھرتيون ڪيون ويون   نيب طرفان جعلي بھرتين ڪرڻ جو ٻنھي جوابدارن تي ريفرنس داخل ڪيو ھو ، ٻھي جوابدار ضمانت تي آزاد ھئا ، عدالت طرفان سزا ٻڌائڻ بعد جوابدارن کي گرفتار ڪري جيل اماڻيو ويو

Read Previous

قاضي احمد : سرڪاري اسپتال ۾ اڳوڻي ضلع چيئرمين سردار ڄام تماچي انڙ پاران مفت اکين جي ڪيمپ لڳائي وئي

Read Next

ڪشمور ۾ 6 سالن جي معصوم نياڻي عليشا ۽سندس امڙ سان زيادتي خلاف سانگهڙ ۾ احتجاجي مظاهرو

Most Popular