دادو ڊپٽي ڊائريڪٽر اينيمل هسبنڊري آفيس دادو ۾ ضلع دادو جي وٽنري ڊاڪٽرن جي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي

ميھڙ (رپورٽ)دادو ڊپٽي ڊائريڪٽر اينيمل هسبنڊري آفيس دادو ۾ ضلع دادو جي وٽنري ڊاڪٽرن جي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، ان اهم گڏجاڻي جو مهمان خاص اينيمل هسبنڊري جو ڊائريڪٽر جناب اهتشام رانا هئو، مهمان خاص جي ڀرپور آجيان ڪئي وئي، کيس گلن جا هار ۽ گلن جي ورکا ڪئي وئي، سنڌ جي روايت مطابق آيل مهمان خاص کي ڊاڪٽر آفتاب پٺاڻ طرفان اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي اوڙهائي وئي، جنهن بعد آيل ٻئي مهمان توقيرالرحمان کي عبدالمنان کوکر پاران سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو ويو، ان کان پوء سيد اسلم شاه منصور احمد جوڻيجو کي اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي جو تحفو پيش ڪيو ويو۔ان کان پوء ميٽنگ جو باقائدگي سان آغاز ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪافي اهم فيصلا ڪيا ويا،هن اهم ميٽنگ ۾ دادو ضلع جي وٽنري ڊاڪٽرن ڊاڪٽر ذوالفقار ڳورڙ، ڊاڪٽر نويد سومرو، ڊاڪٽر توفيق چنو، ڊاڪٽر سيد اسلم شاه ، ڊاڪٽر حنيف، ڊاڪٽر ڪليم پنهور ۽ ٻئي عملي شرڪت ڪئي۔   هن اجلاس جي ڪاروائي کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر اهتشام رانا ان ڳالھ تي زور ڏنو ته اسان کي مالوندن ۽ ڀاڳين تائين پهچ کي يقيني وڃي ته جيئن اسان وڌ کان وڌ مالوند ماروئڙن جي خدمت ڪري سگهون۔پھچ کي يقيني بنايو وڃي ته جيئين وڌ کان وڌ مالوند ماروئڙن جي خدمٿ ڪئي وڃي  ۽ انھن  جي جانورن بر وقت  حفاظتي ڻڪا  لڳائي ڀاڳين کي مالي نقصان کان بچايو وڃي

Read Previous

ڪشمور ۾ 6 سالن جي معصوم نياڻي عليشا ۽سندس امڙ سان زيادتي خلاف سانگهڙ ۾ احتجاجي مظاهرو

Read Next

پوليو کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ صحت، تعليم، ۽ ٻين ادارن آفيسرن کي گڏجي ايمانداريءَ سان فرض نڀائڻو آهي: ڪمشنر سکر ڊويزن ڪمشنر سکر شفيق احمد مهيسر

Most Popular