پوليو کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ صحت، تعليم، ۽ ٻين ادارن آفيسرن کي گڏجي ايمانداريءَ سان فرض نڀائڻو آهي: ڪمشنر سکر ڊويزن ڪمشنر سکر شفيق احمد مهيسر

سکر(رپورٽ۔امداد علي گل ڪلوڙ) ڪمشنر سکر ڊويزن ڪمشنر سکر شفيق احمد مهيسر چيو آهي ته پوليو کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ صحت، تعليم، ۽ ٻين ادارن آفيسرن کي گڏجي ايمانداريءَ سان فرض نڀائڻو آهي. هن اهڙو اظهار پنهنجي آفيس ۾ پوليو بابت ڊويزنل ٽاسڪ فورس جي سڏايل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.  اجلاس ۾ ڊي ايڇ او، صحت، روينيو، ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. ڪمشنر سکر ڊويزن ڊي ايڇ اوز کي هدايت ڪئي ته ضلعي ۾ موجود سمورن سرڪاري صحت مرڪزن توڙي پرائيويٽ ڪلينڪن  ڏانهن ليٽر جاري ڪيا وڃن ۽ انهن کي پابند بڻايو وڃي  ته هو هر نئين ڄاول ٻار جو ڪيس رپورٽ ڪن ڇاڪاڻ ته نئين ڄاول جو رڪارڊ حاصل ڪرڻ کانسواءِ پوليو کي ڪامياب نٿو بڻائي سگهجي ڪمشنر سکر واضع ڪيو ته مهم دوران ليڊي هيلٿ ورڪز ۽ يو سي ايم اوز جي شرڪت 100 سيڪڙو هئڻ گهرجي.۽ ليڊي هيلٿ ورڪرز جي ٽريننگ ڪرائي انهن جو امتحان ورتو وڃي ڇاڪاڻ ته  ليڊي هيلٿ ورڪرز جي تربيت کان سواءِ پوليو جو ٽارگيٽ پورو نٿو ڪري سگھجي، هن وڌيڪ چيو ته تعلقي آفيسر هر يونين ڪائونسل ۾ پوليو ورڪرن جي نگراني ڪندو ۽ هفتيوار رپورٽ ڊي آفيس ۾ جمع ڪرائيندا، غفلت ۽ لاپرواهي ڪندڙ آفيسر توڙي عملدارن کي شوڪاز جاري ڪيو وڃي، ڪمشنر سکر يوسي ايم اوز ۽ ميڊيڪل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو اي پي آئي سينٽرن ۾ نه رهن هر پوليو ورڪر جي نگراني ڪري رپورٽ ڏين هن پوليو ٽيمن تي زور ڀريو ته ٻارن کي پوليو ۽ ٻين بيمارين کان محفوظ رکڻ لاءِ  جذبي ۽ ايمانداري سان ڪم ڪرڻو پوندو . ان ڏس ۾ ڪابه ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. پوليو خلاف جنگ قومي ڪاز آهي. هن هدايت ڪئي ته پوليو مهم لاءِ جوڙيل مائيڪرو پلان تي ميڊيڪل آفيسرز پاران مڪمل عمل سان گڏوگڏ تصديق ٿيڻ گھرجي.  ته جيئن سکر ضلعي جي ڏورانهن علائقن ۾ بهتر نموني پوليو کي ڪامياب ڪري سگهجي، ان موقعي تي ڊي ايڇ او پوليو مهم بابت تفصيل سان بريفننگ ڏني.

Read Previous

دادو ڊپٽي ڊائريڪٽر اينيمل هسبنڊري آفيس دادو ۾ ضلع دادو جي وٽنري ڊاڪٽرن جي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي

Read Next

چيئرمين هيومن رائٽس ڪميشن سنڌ جسٽس رٽائرڊ ماجده رضوي انساني حقن جي ڪيمشن جي وفد سان خيرپور پهچي وئي

Most Popular