ڪنڌرا : ڳوٺ ٺٽ جي گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ڇت جا چاپڙ ڪرڻ روز جو معمول بڻيل ڪنهن وقت به جاني نقصان جو خدشو

ڪنڌرا( رپورٽر ) ڪنڌرا لڳ ڳوٺ ٺٽ جي گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول جي عمارت ڳوٺاڻن پاران شاگردن لاء هاڃيڪار قرار اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ روز جو معمول بڻيل ڪنهن وقت به جاني نقصان جو خدشو، تعليم کاتو ڄاڻ باوجود اڻ ڄاڻ بڻيل تفصيل موجب ڪنڌرا ڀرسان يونين ڪائونسل ٽمونهن جي قديمي ڳوٺ ٺٽ جو اسڪول تباهي جي ڪناري تي پهچي چڪو آهي ھن اسڪول۾ شاگردن جو تعداد  110 آهي جن ۾  تقريبن ڇوڪرين جو تعداد 50 ۽ ڇوڪرا 60 جي لڳ ڀڳ آهن ۽ استادن جو تعداد نہ هجڻ جي برابر ڪل ٻہ آهي ڳوٺاڻن ڪنڌرا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  تعليمي شرح موجب گهٽ ۾ گهٽ 20 شاگردن تي هڪ استاد هجڻ  لازمي قرار ڏنو وڃي پر هتي ان جي ابتڙ 60 شاگردن تي هڪ استاد مقرر ٿيل آهي جڏهن ته هن اسڪول ۾ ڇهن استادن جي گنجائش موجود هجڻ جي باوجود ٽوٽل ٻہ استاد ڪم ڪري رهيا آهن اگر اهل نظر واري اک سان ڏٺو وڃي ته استادن جي کوٽ سبب شاگردن جي تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي ٻي طرف هنن اسڪول جي عمارت متعلق ڳالھائيندي چيو  تہ اسڪول جي بلڊنگ تمام زبون حالي جو شڪار آهي زبون حالي سبب عملي سميت شاگردن جي لاء اها بلڊنگ تمام خطرناڪ نظر اچي رهي آهي جڏهن ته هن اسڪول ۾  ڪلاسن هلائڻ جي لاءِ چار ڪمرا آهن انهن مان ٻن ڪمرن جي ڇت مڪمل ڊهي پٽ پئجي چڪي آھي باقي  ڪلاسن هلائڻ لاءِ ٻه ڪمرا آهن  جن ۾  استاد شاگردن کي پڙھائي رھيا آھن انھن بچيل ڪمرن جي به ڇت جا چاپڙ مسلسل ڪري رهيا آهن جنهن سبب اسڪول جي عملي سميت شاگردن جي لاء هر وقت جان جو خطرو موجود آهي ڳوٺاڻن وڌيڪ دانهيندي ٻڌايو ته اسڪول جي چوديواري جي ڊهڻ کي ڪيترائي سال گذري چڪا آهن مگر تعليم کاتي جي آفيسرن جي مٿي تي جونءَ به نٿي چري  هنن وڌيڪ دانهيندي چيو ته اسان ڪيترن سالن کان ميڊيا تي بيان رڪارڊ ڪرايا آھن مگر ڪنهن قسم جو کڙ تيل نه نڪتو آهي هنن سيڪريٽري تعليم، ڊائريڪٽر ايجوڪيشن ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته اسڪول جي چوديواري ۽ بلڊنگ جي مرمت سان گڏ استادن جي کوٽ کي پورو ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ عدالت جو دروازو کڙڪايو ويندو

Read Previous

وفاقي حڪومت جا ڏينهن پورا ٿي چڪا آهن،ايندڙ وقت پيپلزپارٽي ۽ عوام جو آهي : ايم اين اي سيده نفيسه شاهه جيلاني

Read Next

پ ٽ الف ضلعي لاڙڪاڻي جي ٿيندڙ اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي جي سامهون پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي اي جي اميدوارن فارم جمع ڪرائي ڇڏيا

Most Popular