پ ٽ الف ضلعي لاڙڪاڻي جي ٿيندڙ اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي جي سامهون پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي اي جي اميدوارن فارم جمع ڪرائي ڇڏيا

لاڙڪاڻو(بيورو چيف) پ ٽ الف ضلعي لاڙڪاڻي جي ٿيندڙ اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي جي سامهون پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي اي جي اميدوارن فارم جمع ڪرائي ڇڏيا، پ پ پ جي صوبائي وزير سهيل انور سيال جي ڀاءَ پ پ باقراڻي جي صدر طارق انور سيال ۽ پ پ لاڙڪاڻو جي جنرل سيڪريٽري اعجاز احمد لغاري ڀٽائي پئنل جي صدارتي اميدوار حاجن سيال ۽ پي ٽي آءِ ضلع لاڙڪاڻو جي اڳواڻ سيف الله ابڙو ۽ جي ڊي اي اڳواڻ معظم علي عباسيءَ پنجتني پئنل جي نياز ٻگهيو جي حمايت ڪري ڇڏي، ڀٽائي پئنل جي صدارتي اميدوار رتوديرو رهواسي حاجن سيال جي سامهون پنجتني پئنل جو نياز ٻگهيو بيٺو آهي، پ ٽ الف ضلعي لاڙڪاڻي جي 22 نومبر تي ٿيندڙ چونڊن ۾ هن وقت استادن گروپن جي ٻنهي گروپن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ سامهون گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف وچ ۾ چوٽيءَ جو مقابلو ٿيڻ پيو وڃي، جنهن لاءِ هڪ طرف پ پ پ سيال برادريءَ جي طرفان ڀٽائي پئنل جي اميدوارن جي حمايت جو سلسلو جاري آهي ته ٻئي پاسي وري جي ڊي اي ۽ پي ٽي آءِ پاران پنجتني پئنل جي حمايت ڪندي ميدان مارڻ جون دعوائون ڪيون پيون وڃن، پ ٽ الف ضلع لاڙڪاڻي جي چونڊن ۾ گسٽا جي مرڪزي اڳواڻ جي ايم ابڙو پڻ ڀٽائي پئنل جي صدارتي اميدوار حاجن سيال جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، هوڏانهن پ ٽ الف ضلع لاڙڪاڻي جي ٿيندڙ اليڪشن لاءِ پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي آي جي بيهاريل پنجتني پئنل جي پ پ پ اڳواڻ حزب الله ٻگهيو حمايت ڪري ميدان تي لٿل آهي، جنهن تي پ پ پ جي مرڪزي اڳواڻ ادي فريال ٽالپر ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته طارق انور سيال جي حمايت يافته ڀٽائي پئنل جي اميدوارن کي ڪامياب ڪيو وڃي. ٻڌايو پيو وڃي ته هاڻي استاد تنظيم پ ٽ الف يونين جي اليڪشن نه ٿي رهي آهي پر پيپلز پارٽي بمقابلا پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي اي ۾ سخت مقابلو ٿي رهيو آهي.

Read Previous

ڪنڌرا : ڳوٺ ٺٽ جي گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ڇت جا چاپڙ ڪرڻ روز جو معمول بڻيل ڪنهن وقت به جاني نقصان جو خدشو

Read Next

رڪشا بيھاري روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هڻي ٽرئفڪ پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪري احتجاجي مظاھرو

Most Popular