ميھڙ رام پور محلہ ۾ ياسر عرف گڊو جانوري کدڙن فقيرن جي بيٺڪ تي پھچي خواجہ سرا خوشبوءِ تي تشدد

ميھڙ( رپورٽ) ميھڙ رام پور محلہ ۾ ياسر عرف گڊو جانوري کدڙن فقيرن جي بيٺڪ تي پھچي خواجہ سرا خوشبوءِ تي تشدد ڪري پرس مان 10ھزار روڪ ۽ واليون زبردستي کڻي ۽ ٽچ موبائيل ڦري فرار ٿي ويو، اهڙي واقعي کانپوء گدڙا فقير سنڏ پريس ڪلب ميھڙ پھچي دانھيندي چيو ته اسان کان سدائين ياسر عرف گڊو جانوري پٽ قمر جانوري ڀتو گھرندو ھو اسان کي ڏاڍو تنگ ڪندو رھندو هيو ۽ اڄ اسان جي مڙھي تي اچي منھجي مٿان حملو ڪري تشدد ڪيو منھن ۾ مونکي ٺونشا ھنيا ۽ پرس مان 10ھزار ۽ سونيون واليون زبردستي کڻي ٽچ موبائيل ڦري فرار ٿي ويا، وڌيڪ هنن دانهيندي چيو ته اسان فقيرن سان سراسر ظلم آهي اسان ياسر عرف گڊو جانوري مٿا اين سي داخل ڪرائي آھي اسان آئي جي سنڌ ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو کي اپيل ٿا ڪيون ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ اسان گدڙا فقير روڊن رستن تي نڪري انصاف گھرنداسين.

Read Previous

ڪشمور ۾ معصوم عليشا کي انصاف ڏيارڻ لاءِ سول سوسائٽي جي ريلي

Read Next

مورو : ڳوٺ ڪالو خان سابقي جي رهواسي ڀائرن جو بااثر وڏيرن پاران 16 ايڪڙ زرعي زمين تي قبضي ڪرڻ خلاف ۽ پوکيل وڻ ڪٽڻ خلاف

Most Popular