مورو : ڳوٺ ڪالو خان سابقي جي رهواسي ڀائرن جو بااثر وڏيرن پاران 16 ايڪڙ زرعي زمين تي قبضي ڪرڻ خلاف ۽ پوکيل وڻ ڪٽڻ خلاف

 مورو جي ڳوٺ ڪالو خان سابقي جي رهواسي ڀائرن جو بااثر وڏيرن پاران 16 ايڪڙ زرعي زمين تي قبضي ڪرڻ خلاف ۽ پوکيل وڻ ڪٽڻ  خلاف مورو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو جنهن جي اڳواڻي صالم سابقي زاهد حسين سابقي خالد حسين همير علي حاجي سوالي محمد وارث ڪري رهيا هئا جتي يتيم صالم سابقي صحافين کي ٻڌايو ته اسان جي 16 ايڪڙ  زرعي زمين  جيڪا اسان ڏاڏي ڪالو خان سابقي والد لعل بخش سابقي جي نالي تي آهي جنهن تي ڳوٺ جا  بااثر وڏيرا شاھ بيگ سابقي علي شير سابقي اڪرم سابقي ۽ گل شير سابقي پنهنجا هٿياربند ماڻهون وٺي قبضو ڪري ويٺا آهن ۽ اسان جا زمين تي پوکيل وڻ پڻ  ڪٽي کڻي ويا آهن اسان مسڪين يتيمن جي ڪير به ٻڌڻ وارو ناهي ۽ اسان ٻن يتيم ڀائرن کي اسڪول ۾ پڙهڻ به نٿا ڏين ۽ اسان کي بااثر وڏيرا موت مار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن انهن چيو ته 10 سال اڳ اسان جي والد لعل بخش سابقي کي مٿين بااثر وڏيرن قتل ڪرايو ھو جنهن جو پڻ اسان کي انصاف نه مليو آهي هنن چيف جسٽسس آف پاڪستان چيف جسٽسس آف هاء ڪورٽ سنڌ آء جي سنڌ ايس ايس پي  نوشهروفيروز  کي اپيل ڪئي آهي ته  بااٽر وڏيرن پاران 16 ايڪڙ زرعي زمين تان قبضو ختم ڪرائي اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي

Read Previous

ميھڙ رام پور محلہ ۾ ياسر عرف گڊو جانوري کدڙن فقيرن جي بيٺڪ تي پھچي خواجہ سرا خوشبوءِ تي تشدد

Read Next

نيوسعيدآباد لڳ ڳوٺ غلام محمد مناھيجو جي يارنھن عورتن خوشحال مائڪرو بينڪ ۽ سافڪو مائڪرو فنانس بينڪ ھالا جي انتظاميا خلاف احتجاج ڪيو آھي

Most Popular