ڪشمور ۾ معصوم عليشا کي انصاف ڏيارڻ لاءِ سول سوسائٽي جي ريلي

ڪشمور( رپورٽ اعجاز احمد چنہ ) ڪشمور ۾ معصوم عليشا کي انصاف ڏيارڻ لاءِ سول سوسائٽي جي ريلي۔ جوابدارن کي سخت کان سخت سزا جي گهر۔ ايف آء آر  زينب ايڪٽ تحت ڪٽي وڃي ۔ مظاهرين جو مطالبو۔  تفصيل موجب۔ ڪشمور ۾ سماجي تنظيم سٽيزن ويلفيئر ايڪشن ڪاميٽي سول سوسائٽي سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ سڄاڻ ڌرين پاران ڪجھ ڏينهن ڪراچي مان دوکي سان گهرائي زيادتي جو شڪار عورت مسمات ت ۽ سندن پنجن ورهن جي معصوم نياڻي عليشا کي حوس جو نشانو بڻائيندڙ جوابدارن کي عبرتناڪ سزا ڏيارڻ لاء شهر جي نادره چوڪ کان ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب تائين هڪ ريلي ڪڍي۔ ريلي شھر جي مختلف رستن کان نعريبازي ڪندي پريس ڪلب پهتي۔ ان موقعي تي خطاب ڪندي علي مراد چاچڙ افضل عطا ڪلوڙ شاد کوسو حاڪم نصيراڻي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته  معصوم نياڻي ۽ سندن ماء کي جلد کان جلد انصاف ڏنو وڃي جئين سندن زخمن تي مرهم رکي سگهجي۔ معصوم نياڻي سان زيادتي ڪندڙ وحشي جوابدارن کي سري عام ڦاسي ڏني وڃي۔ سندن وڌيڪ چوڻ ھو ته عليشا ڪيس جي ايف آء آر زينب ايڪٽ يا دهشتگردي ايڪٽ طور ڪٽي وڃي۔ ياد رهي ته صحافي ۽ ڪالمسٽ حاڪم نصيراڻي معصوم عليشا سان يڪجهتي طور ريلي ۾ پنهنجو معصوم پٽ منتظر مهدي سان شرڪت ڪئي۔ عليشا ڪيس جي مک جوابدار رفيق ملڪ پنهنجي ڏوھ جو اعتراف پڻ ڪيو ۔پوليس سندن ٽن ڏينهن جو رمانڊ پڻ ورتو ۽ ڪشمور پوليس گرفتار جوابدار جي نشاندهي تي مفرور جوابدارن جي گرفتاري لاء ڇاپا پڻ ھڻي رهي آھي تاحال وڌيڪ ڪا گرفتاري عمل ۾ نه اچي چڪي آھي

Read Previous

رڪشا بيھاري روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هڻي ٽرئفڪ پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪري احتجاجي مظاھرو

Read Next

ميھڙ رام پور محلہ ۾ ياسر عرف گڊو جانوري کدڙن فقيرن جي بيٺڪ تي پھچي خواجہ سرا خوشبوءِ تي تشدد

Most Popular