نيوسعيدآباد لڳ ڳوٺ غلام محمد مناھيجو جي يارنھن عورتن خوشحال مائڪرو بينڪ ۽ سافڪو مائڪرو فنانس بينڪ ھالا جي انتظاميا خلاف احتجاج ڪيو آھي

نيوسعيدآباد  (رپورٽ جبار عمراڻي  ) نيوسعيدآباد لڳ ڳوٺ غلام محمد مناھيجو جي يارنھن عورتن  مسمات فرزانا مناھيجو,شبانا مناھيجو جي اڳواڻي ۾  خوشحال مائڪرو بينڪ ۽ سافڪو مائڪرو فنانس بينڪ ھالا جي انتظاميا خلاف احتجاج ڪيو  آھي  ھنن موجب قرض جون رقمون ادا ڪري ڇڏيون آھن ان جي باوجود بينڪن طرفان اسانجي نالي تي لکين رپيا قرض ڄاڻائي روزانه جي بنياد تي اسانجي ڳوٺ ۾ اچين اسان ۽اسانجن مردن کي گرفتار ڪرائڻ جون   ڌمڪيون پيون ڏنيون وڃن, بينڪن جا ملازم چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪري بنا اطلاع ڪرڻ جي گھرن اندر ڪاھي ٿا اچن, ھن دانھيو آھي ته اسان يارنھن عورتن ھرھڪ فرزانا مناھيجو,پوڙھي مناھيجو,ملوڪان مناھيجو,شاھدا مناھيجو,رحيما مناھيجو,پٺاڻي مناھيجو,سڪيلڌي مناھيجو,ميرزادي مناھيجو,راڻي مناھيجو,ليلا مناھيجو,شبانا مناھيجو ۽ نسيم مناھيجو اٽڪل پنج سال اڳ ۾ ٻنھي مائڪرو فنانس بينڪن مان قرض کنيو ھو انھي قرض کي مڪمل طور ادا ڪيو آھي پر بينڪن جي عملي اسان سان دوکو ۽ فراڊ ڪري اسان طرفان ادا ڪيل لکين رپين جون رڪارڊ ۾ داخلائون نه رکيون آھن ۽ ھاڻي اوچتو ئي اوچتو اسان جي ڳوٺ ۾ اچي اسانجن گھرن اندر زبردستي داخل ٿي اسان جن مردن ۽ اسان عورتن کي ھراسان ڪري پاڻ سان گڏ کڻي آيل ڪتابن تي صحيحون وٺڻ لا۽ مجبور پيا ڪن اسانجي طرفان صحيحون نه ڪرڻ تي اسانجن مردن ۽ عورتن کي گرفتار ڪرائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون آھن, ھنن وزيراعلا سنڌ سميت مٽياري ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو آھي ته کين تحفظ ڏياريو وڃي,

Read Previous

مورو : ڳوٺ ڪالو خان سابقي جي رهواسي ڀائرن جو بااثر وڏيرن پاران 16 ايڪڙ زرعي زمين تي قبضي ڪرڻ خلاف ۽ پوکيل وڻ ڪٽڻ خلاف

Read Next

ٺاروشاهه روڊ تي باءِ پاس جي رهواسڻ مسمات سڪينه ڪلهوڙو پنهنجن معصوم ٻارڙن سان گڏ پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج مظاهرو

Most Popular