ٺاروشاهه روڊ تي باءِ پاس جي رهواسڻ مسمات سڪينه ڪلهوڙو پنهنجن معصوم ٻارڙن سان گڏ پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج مظاهرو

نوشهروفيروز(ڊ ر)ٺاروشاهه روڊ تي باءِ پاس جي رهواسڻ مسمات سڪينه ڪلهوڙو پنهنجن معصوم ٻارڙن سان گڏ پاڪ ڪتاب کڻي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته صبح سوير نوشهروفيروز پوليس ۽ خانگي ڪپڙا پاتل ماڻهن امتياز، نديم، انعام، عجيب عباسي سان گڏ گهر تي چڙهائي ڪري منهنجي مڙس دائم ڪلهوڙو کي تشدد جو نشانو بڻائي زبردستي کڻي ويا آهن. هن چيو ته نديم ڪلهوڙو منهنجي مڙس تي موبائل چوري جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آهي جنهن جي آزادي لاءِ جوابدار هڪ لک رپيا گهري رهيا آهن. جڏهن ته پوليس ڪجهه ٻڌائڻ لاءِ تيار ناهي. هن ايس ايس پي نوشهروفيروز کان مطالبو ڪيو ته پوليس جي ناجائزين جو نوٽيس وٺي ڪوڙو ڪيس ختم ڪري مڙس کي آزاد ڪيو وڃي. ٻئي طرف نوشهروفيروز ٿاڻي جي ايس ايڇ عبدالرسول ٻگهيو رابطي ڪرڻ تي فون اٽينڊ نه ڪئي.

Read Previous

نيوسعيدآباد لڳ ڳوٺ غلام محمد مناھيجو جي يارنھن عورتن خوشحال مائڪرو بينڪ ۽ سافڪو مائڪرو فنانس بينڪ ھالا جي انتظاميا خلاف احتجاج ڪيو آھي

Read Next

ميمبرن جي نااهلي، هانگ ڪانگ ۾ سڄي اپوزيشن استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

Most Popular