ميمبرن جي نااهلي، هانگ ڪانگ ۾ سڄي اپوزيشن استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

هانگ ڪانگ :  هانگ ڪانگ ۾ حڪومت طرفان اپوزيشن جي چئن ميمبرن کي نااهل قرار تي سڄي اپوزيشن احتجاجي طور استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. خميس ڏينهن اپوزيشن جي سڀني 15 ميمبرن پنهنجون استعيفائون پيش ڪري ڇڏيون، جنهن کانپوءِ هاڻ هانگ ڪانگ جي قانون ساز اسيمبلي ۾ رڳو چين نواز ميمبر باقي رهجي ويا آهن. مخالف ڌر جو چوڻ آهي ته بيجنگ جي مداخلت سبب هانگ ڪانگ ۾ رهيل کُهيل جمهوريت به دم ٽوڙي رهي آهي. اپوزيشن اهو به چيو ته اسان هار نه مڃينداسين ۽ پنهنجي جدوجهد جاري رکنداسين. هوڏانهن چين اپوزيشن جي اجتماعي استعيفائن جي مذمت ڪندي ان کي هڪ ڊرامو قرار ڏنو آهي.

Read Previous

ٺاروشاهه روڊ تي باءِ پاس جي رهواسڻ مسمات سڪينه ڪلهوڙو پنهنجن معصوم ٻارڙن سان گڏ پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج مظاهرو

Read Next

پي ايس ايل فائيو، سڀاڻي چار ٽيمون نينشنل اسٽيڊيم ۾ آمهون سامهون

Most Popular