فرانس جي صدر ميڪرون پاران حضور ڪريم صلي ﷲ عليه وآلهٖ وسلم جن جي شان ۾ گستاخي ڪرڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

قاضي احمد ) رپورٽ علي نواز جتوئي)  فرانس جي صدر ميڪرون پاران حضور ڪريم صلي ﷲ عليه وآلهٖ وسلم جن جي شان ۾ گستاخي ڪرڻ خلاف مزدور اتحاد قاضي احمد جي سڏ تي مذهبي، سياسي ۽ سماجي ڌرين پاران ناز محل هوٽل کان پريس ڪلب قاضي احمد چوڪ تائين سڪندر خاصخيلي، مولابخش خاصخيلي جي اڳواڻيء ۾ شاندار احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا قاضي احمد پريس ڪلب چوڪ تي جلسي جي شڪل اختيار ڪري ورتي احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته  نبي آخر الزمان حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآلهٖ وسلم جن جي شانِ اقدس جي توهين ڪري فرانس جي صدر ميڪرون عالم اسلام جي غيور مسلمانن کي للڪاريو آهي، اسان اُن کي ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته مسلمان پنهنجا سر ڪپائي سگهن ٿا پر نبيء پاڪ جي شان ۾ ڪابه گستاخي برداشت نه ڪنداسين، هنن پاڪستان حڪومت کان فرانس سان سمورا تعلقات ختم ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪيو. ريلي ۾ فرانس جي صدارت جي بوتي کي لتن مڪن ء لعنتن جي وسڪاري بعد باھ ڏئي ساڙيو ويو.

Read Previous

پاڪستان ۾ عورتن تي شاديءَ لاءِ دٻاءُ رهي ٿو: مديحه شاهه

Read Next

مورو : لطيف ڪالوني ۾ بيدرديءَ سان گھر اندر ڇرين جا وار ڪري بي درديءَ سان قتل ٿيل خلاف احتجاج ڪندي

Most Popular