پاڪستان ۾ عورتن تي شاديءَ لاءِ دٻاءُ رهي ٿو: مديحه شاهه

لاهور: اداڪاره مديحه شاهه چيو آهي ته پاڪستاني معاشري ۾ عورتن مٿان شاديءَ جو دٻاءُ هوندو آهي. ميڊيا رپورٽ موجب مديحه امام جو چوڻ هو ته پاڪستاني معاشري ۾ ڇوڪريءَ جي عمر 29 سال ٿيندي آهي ته شادي نه ڪرڻ تي ماڻهو حيرت جو اظهار ڪندا آهن ۽ کانئس شادي جو بار بار پڇندا آهن. اداڪاره جو چوڻ هو ته ڇوڪرين کان شادي جو بابر بار پڇڻ جو تعلق اميري غريبي سان ناهي هوندو ۽ نه ئي ان جو تعلق تعليم يا جهالت سان آهي، اسان ان سوچ ۽ رويي کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت محسوس نٿا ڪريون، ڇو ته اسان جي وڏن کي لڳي ٿو اهوئي طريقو درست آهي، مديحه چيو ته اهرين روايتن کي ڊرامن ۽ فلمن ذريعي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. اداڪاره وڌيڪ چيو ته اسان جي معاشري ۾ مرد حضرات پاڻ کان وڌيڪ پئسا ڪمائيندڙ عورت سان شادي ناهن ڪندا، هن فلم جي هڪ لو اسٽوري جو به ذڪر ڪيو جنهن بابت هن جو چوڻ هو ته ڇوڪرين جي شادي بابت سوچ کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.

Read Previous

شوقينن لاءِ خوشخبري، پب جي ۾ نئون فيچر متعارف

Read Next

فرانس جي صدر ميڪرون پاران حضور ڪريم صلي ﷲ عليه وآلهٖ وسلم جن جي شان ۾ گستاخي ڪرڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

Most Popular