مورو : لطيف ڪالوني ۾ بيدرديءَ سان گھر اندر ڇرين جا وار ڪري بي درديءَ سان قتل ٿيل خلاف احتجاج ڪندي

مورو ) رپورٽ محمد انيس ڪلھوڙو ( مورو شھر جي لطيف ڪالوني ۾ بيدرديءَ سان گھر اندر ڇرين جا وار ڪري بي درديءَ سان قتل ڪيل ڪرن آرائين جا پوليس پاران قاتل گرفتار نہ ڪرڻ خلاف وارثن، سياسي سماجي ڌرين، آرائين برادري جي ماڻھن لطيف ڪالوني کان احتجاجي مظاھرو ڪري ريلي ڪڍي وئي جنھن جي اڳواڻي مقتولا جو والد ڊاڪٽر خاقان بابر آرائين، امڙ رخسانہ آرائين، ڀيڻ عائشہ آرائين، افضل امين آرائين، رئيس ادريس راھو، پيرل پلي، عبدالرزاق راھو، جسقم جي آصف راھوجو، ايس اين پي جي ڪامريڊ بلاول ڏاھري، پي پي جي خان ڏاھري، غلام نبي ماڇي، اڪرم آرائين، انجنيئر جھانزيب مغل، حاجي عبدالرحمان مغل، بابر آرائين، زاھد آرائين، عامر قائمخاني، شاھنواز ڀٽي ء ٻيا ڪري رھيا ھئا ريلي شھر جو گشت ڪندي مورو پريس ڪلب اڳيان پھتي جتي نعري بازي ڪئي وئي ان موقعي تي مظاھرين چيو تي اسان جي نياڻي جي قتل کي پنج ڏينھن گذري چڪا آھن پر مورو ۽ ضلعو نوشهروفيروز پوليس ڪو ڪردار ادا نہ ڪيو آھي جنھن ڪري قاتل قانون جي گرفت کان پري آھن ء اسان انصاف لاءِ پڪاري رھيا آھيون اسان جي نياڻي کي ھڪ منصوبي تحت قتل ڪيو ويو آھي ڪنھن بہ قتل ڪيو آھي ان کي قانون جي ڪٽھڙي م آندو وڃي ء نياڻي جي بي گناھ خون سان انصاف ڪيو وڃي ھنن چيو تہ پوليس جنھن ريت سستي ڪري رھي آھي اسان سمجھون ٿا قتل لوڙھڻ جي ڪوشش آھي جنھن ڪري اسان مطالبو ٿا ڪريون تہ ڪنھن فرض شناس ۽ ايماندار آفيسر کي مقرر ڪري قتل واقعي جي صاف شفاف جانچ ڪري اصل حقيقت تائين پھچي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت م سخت احتجاج ڪندي قومي شاھراھ بند ڪيو ويندو…

Read Previous

فرانس جي صدر ميڪرون پاران حضور ڪريم صلي ﷲ عليه وآلهٖ وسلم جن جي شان ۾ گستاخي ڪرڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

Read Next

ميهڙ : شھر فريدآباد روڊ وٽ وحدت ڪالوني ۾ نوجوان ناري شازيا خاصخيلي گهر اندر پراسرار نموني مبينا پسٽل جي گولي لڳڻ باعث فوت ٿي وئي آھي

Most Popular