ميهڙ : شھر فريدآباد روڊ وٽ وحدت ڪالوني ۾ نوجوان ناري شازيا خاصخيلي گهر اندر پراسرار نموني مبينا پسٽل جي گولي لڳڻ باعث فوت ٿي وئي آھي

ميھڙ رپورٽ (ميربابا) ميهڙ شھر فريدآباد روڊ وٽ وحدت ڪالوني ۾ نوجوان ناري شازيا خاصخيلي  گهر اندر  پراسرار  نموني مبينا پسٽل جي  گولي لڳڻ باعث فوت ٿي وئي آھي واقعي بابت فوت ٿيل ناري جي ڀاء نورنبي خاصخيلي ميهڙ ٿاڻي تي اهڙو اطلاع ڏنو جنهن بعد نوجوان ناري جو لاش ميهڙ پوليس کڻائي تعلقه اسپتال پھچايو جتي تعلقه اسپتال ميهڙ ۾ ليڊي ڊاڪٽر نه هجڻ سبب فوتڻ جو لاش پوسٽ مارٽم لاء ميهڙ اسپتال کان  خيرپور ناٿن شاھ منتقل ڪيو ويو جڏھن ته وارثن پاران گهر اندر پيل  پسٽل کان اتفاقي فائر  ٿيڻ  سبب فوت ٿيڻ جو بيان ڏنو آھي ۽ ميهڙ پوليس گهر مان اهڙو پسٽل به پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي.وڌيڪ ذريعن کان معلوم ٿيو آھي تہ پسٽل ٻئي قوم جو ھيو ۽ پوسٽ مارٽ لاء مالڪ راضي نہ ھئا

Read Previous

مورو : لطيف ڪالوني ۾ بيدرديءَ سان گھر اندر ڇرين جا وار ڪري بي درديءَ سان قتل ٿيل خلاف احتجاج ڪندي

Read Next

ضلعي انتظاميه سکر پاران 30 نومبر کان شروع ٿيندڙ پوليو مهم ۾ ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي هدايت

Most Popular