خيرپور: نبي پاڪ حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وآله وسلم جي تعليمات ۽ سندس ڪردار سان ڪفار اسلام قبول ڪيو

خيرپور (ڊر) شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي فزيڪل ايجوڪيشن شعبي پاران مذهبي جوش ۽ جذبي سان محفل ميلاد حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم منعقد ڪيو ويو. محفل ميلاد جي صدارت وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپُوٽو ڪئي جڏهن ته ڊين فيڪلٽي آف سوشل سائنسز پروفيسر ڊاڪٽر امداد حسين سهتو اعزازي مهمان هيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو چيو ته نبي پاڪ حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وآله وسلم جي تعليمات ۽ سندس ڪردار سان ڪفار اسلام قبول ڪيو. نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جي تعليمات پيار، محبت، ڀائيچاري، امن، تعليم، معيشت، اخلاقيات، غريبن ۽ پاڙيسيرين جي حقن تي مشتمل آهي. هن چيو ته اسلام هڪ مڪمل ضابطه حيات ۽ ڪامل دين آهي جيڪو حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم اسانکي ڏنو آهي. هن چيو ته اڄ جي دور ۾ عالمي امن لاءِ ضروري آهي ته نبي پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم جي تعليمات قرآن ۽ سنت کي عام ڪيو وڃي. ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو چيو ته يونيورسٽي جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ اسان سڀني کي گڏيل ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته آءُ ٽيم ورڪ ۾ يقين رکان ٿو.  پروفيسر ڊاڪٽر امداد حسين سهتو چيو ته ايمان جي تازگي لاءِ تمام ضروري آهي ته حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جي تعليمات تي ڀرپور نموني عمل ڪيو وڃي. محمد مراد پيرزاده انچارج فزيڪل ايجوڪيشن شعبو معزز مهمانن جو ميلاد ۾ خير مقدم ڪئي ۽  چيو ته حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جي تعليمات کي عام ڪرڻ لاءِ هي محفل ميلاد منعقد ڪئي وئي آهي. نجم الحسن ميلاد ۾ نظامت جا فرائض سرانجام ڏنا. شاگردن ۽ شاگردياڻين حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جي شان ۾ نعتون پيش ڪيون. پروفيسر ڊاڪٽر تاج محمد لاشاري ڊائريڪٽر ميڊيا ۽ پبلڪ ريليشنز، پروفيسر ڊاڪٽر مسيح الله جتوئي پرووسٽ هاسٽلز، مريد حسين ابوپوٽو رجسٽرار، غلام مجتبي جتوئي ڊپٽي ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ محفل ميلاد ۾ شرڪت ڪئي.

Read Previous

قمبر شھدادڪوٽ جي ڳوٺ سوني جويو جو رهواسي پير بخش جويو نوشھروفيروز پهچي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي

Read Next

مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ڪاليج خيرپور شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪيمپس جي ڪچن ملازمن پڪو ڪرڻ لاءِ مين گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو

Most Popular