مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ڪاليج خيرپور شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪيمپس جي ڪچن ملازمن پڪو ڪرڻ لاءِ مين گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو

خيرپور (ڊر) مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ڪاليج خيرپور شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪيمپس جي ڪچن ملازمن پڪو ڪرڻ لاءِ مين گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهري جي اڳواڻي نوروز خان جمالي، شڪيل ٽڳڙ، مظهر سومرو، حيدر خاصخيلي، فرحت الله ڦلپوٽو، فيصل ميمڻ، راشد جماڻي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، ان موقعي تي مظاهرين ٻڌايو ته هن ڪيمپس ۾ گذريل 6 سالن کان ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته مهراڻ يونيورسٽي انتظاميا خالي جاين تي ايڊهاڪ تحت ڀرتيون ڪري اسان سان ماٽيلي ماءُ واري سلوڪ ڪري رهي آهي، هنن ٻڌايو ته مهراڻ يونيورسٽي ۾ سفارشي ڪلچر هلي رهيو آهي، جنهن سبب اسان جو مستقبل داع تي لڳل آهي، هنن مطالبو ڪيو ته مهراڻ يونيورسٽي جي ڪچن ملازمن کي پڪو ڪري پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاجي تحريڪ جو آغاز ڪيو ويندو

Read Previous

خيرپور: نبي پاڪ حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وآله وسلم جي تعليمات ۽ سندس ڪردار سان ڪفار اسلام قبول ڪيو

Read Next

سنڌ حڪومت پاران عوام جي ڀلائي خاطر ترقياتي اسڪيمن لاءِ فنڊ جاري ٿيندا رهن ٿا ان جي باوجود خيرپور شهر جي حالت ناهي سڌري سگهي

Most Popular