سنڌ حڪومت پاران عوام جي ڀلائي خاطر ترقياتي اسڪيمن لاءِ فنڊ جاري ٿيندا رهن ٿا ان جي باوجود خيرپور شهر جي حالت ناهي سڌري سگهي

خيرپور (ڊر) ڊسٽرڪٽ ڊيولپمينٽ ورڪنگ ڪاميٽي جي چيئرپرسن  ايم اين اي ڊاڪٽر سيده نفيسه شاھ جيلاني ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي ڪاڪردگي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت پاران عوام جي ڀلائي خاطر ترقياتي اسڪيمن لاءِ فنڊ جاري ٿيندا رهن ٿا ان جي باوجود خيرپور شهر جي حالت ناهي سڌري سگهي، ترقياتي اسڪيمن کي رولڙي جو شڪار بڻايو ويو آهي اهڙي صورتحال برداشت ڪرڻ جوڳي ناهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي درٻار هال ۾ ضلعي ۾ هلندڙ ترقياتي اسڪيمن متعلق ڪوٺايل گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. گڏجاڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور احمد علي قريشي، ڊي ايڇ او محمد حسين ابڙو، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ ڪرن شاه راشدي،  سميت ورڪس اينڊ سروسز ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ايم اين اي ڊاڪٽر سيده نفيسه شاه خطاب ڪندي چيو ته افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته خيرپور ضلعي ۾ ترقياتي اسڪيمون رولڙي جو شڪار آهن، شهرن ۾ گندو پاڻي بيٺل آهي، روڊن رستن جي صورتحال خراب ٿي وئي آهي جنهن ڪري ضلعي جو عوام سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي. ان موقعي تي هن پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ جي انجنيئر احمد خان ابڙو کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته خيرپور شهر جي خراب صورتحال جا ذميوار اوهان آهيو انڪري هاڻي لاپرواهي برداشت نه ڪئي ويندي، پنهنجي ڪارڪردگي بهتر بڻائي شهر جي صورتحال کي بهتر بڻايو وڃي ٻي صورت ۾ سندن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته ڪنهن به صورت ۾ ترقياتي اسڪيمن جو ڪم رڪجڻ نه گهرجي جڏهن ته ڪم جي رفتار کي تيز ڪري معيار کي بهتر بڻايو وڃي ان سلسلي ۾ جيڪڏهن وڌيڪ فنڊن جي ضرورت آهي ته ٻڌايو وڃي ته جيئن سنڌ حڪومت کان فنڊ وٺي سگهجن ته جيئن ترقياتي اسڪيمون جلد از جلد مڪمل ٿي سگهن ۽ عوام کي لاڀ حاصل ٿئي. گڏجاڻي دوران ڊپٽي ڪمشنر خيرپور احمد علي قريشي ايم اين اي ڊاڪٽر سيده نفيسه شاه کي ٻڌايو ته ضلعي ۾ جيڪي به ترقياتي اسڪيمون هلي رهيون آهن انهن جي نگراني ڪري رهيا آهيون ان سلسلي ۾ اوهان کي رپورٽ ڏيندا رهنداسون، هن ٻڌايو ته هائي ڪورٽ جي حڪم مطابق ضلعي ۾ قبضن خلاف ڪم ڪري رهيا آهيون ٻن هفتن دوران غيرقانوني قبضن کي هٽايو ويندو.

Read Previous

مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ڪاليج خيرپور شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪيمپس جي ڪچن ملازمن پڪو ڪرڻ لاءِ مين گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو

Read Next

جوهي شھر ۾ واحد آر او پلانٽ ٻن سالن کان خراب ڄاڻائي مڪمل بند ڪري آر او پلانٽ کي تالا لڳائي ڇڏيا

Most Popular