اليڪشن ڪميشن گلگت بلتستان ۾ هڪ هڪ ووٽ جي پولنگ ۽ ڳڻپ يقيني بنائي: بلاول ڀٽو

ڪراچي:   پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن گلگت بلتستان چونڊن جي دوران هر ووٽ جي پولنگ ۽ ڳڻپ کي يقيني بنائي.  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٽوئٽر پيغا۾ ۾ چيو آهي ته چونڊن ۾ گلگت بلتستان جي عوام جوش جمهوريت سان ان جي وابستگي جو عهد آهي.  اليڪشن ڪميشن کي گهرجي ته عوام جي ان جذبات کي محفوظ رکي. اليڪشن ڪميشن ان ڳالهه کي يقيني بنائي ته هڪ هڪ ووٽ ڪاسٽ ٿيندو ۽ هڪ هڪ ووٽ جي ڳڻپ ٿيندي. گلگت بلتستان ۾ اڄ ٿيندڙ اليڪشن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ)، پيپلز پارٽي(پي پي) ۽ مسلم ليگ(ن) ۾ چوٽيءَ جو مقابلو آهي. ووٽرز به پنهنجي پنهنجي پارٽي جي سوڀ لاءِ سرگرم آهن. سياسي پارٽين گلگت بلتستان ۾ محنت سان چونڊ مهم هلائي. حڪمران پارٽي تحريڪ انصاف، پ پ ۽ ن ليگ جلسا، ريليون ۽ ڪارنر ميٽنگن ۾  ڪافي جان ماري ڪئي. اميدوارن به ڪاميابي جا دعويٰ ڪيا چيف اليڪشن ڪمشنر جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته مثالي چونڊون ڪرائي تاريخ  رقم ڪنداسين.

Read Previous

گلگت بلتستان چونڊن ۾ پولنگ جو وقت ختم، ووٽن جي ڳڻپ جاري

Read Next

ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ برفباري کان پوءِ ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي

Most Popular