لاهور: ايف آءِ اي کنڊ ۽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ جهانگير ترين، علي ترين، حمزه شهباز ۽ سليمان شهباز جي خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. ايف آءِ اي کنڊ ۽ مني لانڊرنگ ڪيس جي جاچ دوران پي ٽي آءِ اڳواڻ جهانگير ترين ۽ ان جي پٽ علي ترين، مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ حمزه شهباز ۽ سليمان شهباز جي خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. ايف اءِ اي ذريعن موجب ڪيس ۾ امانت ۾ خيانت، فراڊ سميت مني لانڊرنگ جا قلم شامل ڪيا ويا آهن. ايف آءِ اي موجب چئني جوابدارن جي خلاف ايف آءِ اي ۾ کنڊ اسڪينڊل سميت مني لانڊرنگ جي جاچ هلي رهي هئي. جڏهن ته علي ترين، جهانگير ترين، حمزه شهباز، سليمان شهباز جي خلاف ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.