ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ برفباري کان پوءِ ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي

اسلام آباد:   ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ برفباري سبب ٿڌ جي شدت ۾ واڌ ٿي وئي آهي. خيبرپختونخواهه جي مٿانهين علائقن گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ برسات ۽ برفباري جو سلسلو ٻئي ڏينهن به جاري آهي. دير جي مختلف علائقن ۾ 2 ڏينهن جي دوران رڪارڊ برفباري پئي آهي. دير جي علائقي گانشان سر ۾ چار فٽ تائين برفباري پئي اهي. مهوڊنڊ ۾ 3 فٽ جڏهن ته ڪالام، مالم جبه ۽ لاڳاپيل علائقن ۾ هينئر تائين 2 فٽ تائين برفباري پئجي چڪي آهي. لاڳيتو برسات  ۽ برفباري سبب ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي آهي. جڏهن ته ملڪ جي ٻين علائقن مان وڏي انگ ۾ سياح به اتي پهچڻ شروع ٿي ويا آهن. وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۽ ان جي جاڙن شهرن راولپندي ۾ ڪٿي هلڪي ۽ ڪٿي تيز برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي. جنهن موسم کي وڌيڪ ٿڌو ڪري ڇڏيو آهي. لاهور سميت پنجاب جي مختلف علائقن ۾ به برسات ۽ ڳڙو پوڻ سبب خشڪ ۽ ٿڌي موسم جو خاتمو ٿي ويو آهي.  داتا جي نگري لاهور ۾ آچر  تي ڏينهن جي وقت به ڪارا ڪڪر ڇانيل رهڻ سبب ڏينهن جو به رات جهڙو ماحول رهيو. جنهن کان پوءِ ٽائون شپ، ڪوٽ لکپت، گرين ٽائون، ٽهوکر نياز بيگ ۽ چونڪي امرسدهو سميت مختلف علائقن ۾ سياري جي موسم جي پهرين برسات پئي. لاهور کان علاوه فيصل آباد، گوجارانوالا، ٽوبه ٽيڪ سنگهه، شيخو پوره ۽ اوچ شريف سميت ٻين علائقن ۾ برسات ۽ ڳڙو پيو آهي. موسميات کاتي موجب اسلام آباد، راولپنڊي، اٽڪ، چڪوال، جهلم، ميانوالي، خوشاب، سرگودها، فيصل آباد، حافظ آباد، گوجرانوالا، سيالڪوٽ ۽ لاهور ۾ سومر جي ڏينهن تائين تيز هوائن سان گڏ ڪٿي هلڪي ۽ ڪٿي وچولي برسات جو امڪان آهي. ان کان علاوه چترال، دير، سوات، شانگله، بونير، ڪوهستان، مانسهره، ايبٽ آباد، هري پور، چارسده، مردان، پشاور، ڪوهاٽ، وزيرستان، ڪرم ۽ ڪشمير ۾ برسات ۽ پهاڙن تي برفباري جو امڪان آهي.

Read Previous

اليڪشن ڪميشن گلگت بلتستان ۾ هڪ هڪ ووٽ جي پولنگ ۽ ڳڻپ يقيني بنائي: بلاول ڀٽو

Read Next

کنڊ، مني لانڊرنگ ڪيس: جهانگير ترين، علي ترين ۽ شهباز شريف جي پٽن خلاف ڪيس داخل

Most Popular