پي ايس ايل پنج: لاهور قلندر پشاور زلمي کي پنجن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

ڪراچي:   پاڪستان سپر ليگ(پي ايس ايل) فائيو جي ايليمينيئر ميچ ۾ لاهور قلندرز پشاور زلمي کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.  نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏيل ميچ ۾ لاهور قلندرز پشاور زلمي طرفان کٽڻ جي لاءِ ڏنل 171 رنسن جو حدف 19هين اوورز ۾ حاصل ڪري ورتو. قلندر طرفان محمد حفيظ نه وسرڻ جهڙي 47 رنسن جي اننگز کيڏي. پشاور زلمي طرفان ثاقب محمود 3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. ان کان اڳ لاهور قلندر ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو. پشاور زلمي مقرر 20 اوورز ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 170 رنسون ٺاهيون. پشاور زلمي طرفان شعيب ملڪ 39 ويجولين 37، ڊوپليسي 31 ۽ امام الحق 24 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.  لاهور قلندر طرفان دلبر حسين 3 جڏهن ته حارث رئوف، شاهين شاهه آفريدي ۽ ڊيوڊ ويزي ٻن ٻن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. ان سوڀ کان پوءِ لاهور قلندر سڀاڻي ملتان سلطان سان مهاڏو اٽڪائيندا. جڏهن ته پشاور زلمي جي ٽيم ٽورنامينٽ کان ٻاهر ٿي وئي آهي.

Read Previous

ٽرمپ ڪيترائي سال پراڻي اليڪشن فراڊ جي خبر ٽوئيٽر تي شيئر ڪري ڇڏي

Read Next

زوم صارفين جي لاءِ وڏي خوشخبري

Most Popular