اداڪاره ۽ ماڊل سائره يوسف کي بولڊ فوٽوشوٽ ڪرائڻ مهانگو پئجي ويو، مداحن پاران سخت تنقيد

ڪراچي:   پاڪستاني اداڪاره ۽ ماڊل سائره يوسف ۽ شهريار منور جي تازو ئي ڪرايل بولڊ فوٽو شوٽ جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن ۽  مداحن کي ان جون اهي تصويرون بالڪل پسند نه آيون آهن. تازو ئي سائره يوسف ۽ شهريار منور هڪ ميگزين جي لاءِ ڪرايل فوٽو شوٽ ۾ نظر آيا. فوٽو شوٽ ۾ سائره يوسف جي لباس ۽ بولڊ اسٽائل تي سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي.  مداح سائره يوسف کي تمام گهڻو پسند ڪندا آهن ۽ جڏهن کان ان جي شهروز سبزواري کان طلاق ٿي آهي سوشل ميڊيا تي گهڻيون همدرديون سائره سان گڏ آهن.  ان فوٽو شوٽ سائره جي مداحن کي تمام گهڻو مايوس ڪيو آهي ۽ ڪيترن ئي ماڻهن هن کان مايوسي جو اطهار ڪندي چيو آهي ته سائره يوسف اوهان کان اسان کي اهڙي اميد نه هئي. سائره ۽ شهريار جي فوٽو شوٽ تي مداحن ڪاوڙ جو اظهار ڪندي مليل جليل تبصرا ڪيا ڪجهه ماڻهن چيو ته استغفار جڏهن ته ڪجهه چيو لعنت آهي اهڙي شوٽنگ تي.  ڪجهه ماڻهن ته سائره ۽ شهزور جي طلاق کي وچ ۾ آڻيندي چيو ته ان لاءِ ته طلاق ٿي آهي انهن جي.  هن فوٽو شوٽ تي تنقيد ڪندي هڪ عورت جو چوڻ هو ته جڏهن معاشري ۾ زيادتي جا واقعن ۾ واڌ ٿئي ته پوءِ اسان روئيندا ڇو آهيون. ڪجهه ماڻهن هن فوٽو شوٽ تي پنهنجو ئي تجزيو ڏيندي چيو آهي ته ڇا سائره اهو فوٽو شوٽ پنهنجي اڳوڻي مڙس شهزور سبزواري کي ساڙڻ جي لاءِ ڪيو آهي.؟ مهوش نالي عورت پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو سائره اوهان کي شرم اچڻ گهرجي اوهان هڪ ما5 به آهيو. ڪجهه پائڻ ۽ ڪرڻ کان اڳ پنهنجي ڌيءُ جو به سوچيو. هڪ ڇوڪريءَ ناهيو اوهان ڪهڙيون حرڪتون ڪري رهيون آهيو طلاق کان پوءِ. جتي بولڊ فوٽو شوٽ سبب سائره يوسف تي تنقيد ڪئي پئي وڃي. اتي ڪجهه ماڻهو ان جي حمايت ۾ به سامهون آيا آهن. شڪيله نالي عورت صاف لکيو آهي ته هي ماڊل ۽ اداڪاره صرف پنهنجي نوڪري ڪري رهي آهي. هن سڀني جو اڳوڻي مڙس سان ڪهڙو تعلق آهي. اهڙي طرح جا فوٽو شوٽس هو شادي کان اڳ ۽ شادي جي دوران به ڪنديون آهن ته هاڻ هي ايترو مسئلو ڇو بڻجي ويو آهي. عورت وڌيڪ لکيو آهي ته سائره کي ڇو پنهنجو ڪم صرف ان جي ڪري ڇڏڻ گهرجي ته کيس طلاق ٿي وئي آهي. کيس پنهنجي ٻارڙي جو خرچ کڻڻ گهرجي ۽ اهو ان جو ڪيريئر آهي ماڻهن جي منفي ڳالهين ۽ مفروضن کان پاسيرو رهڻ جي ضرورت آهي.

Read Previous

زوم صارفين جي لاءِ وڏي خوشخبري

Read Next

مٽياري: سنڌ ميمڻ اتحاد جي سرواڻ پاران جگنو سي اين جي مٽياري تي نعت رسول مقبول صلي الله عليه وسلم جي خوبصورت محفل سجائي ويئي

Most Popular