مٽياري: سنڌ ميمڻ اتحاد جي سرواڻ پاران جگنو سي اين جي مٽياري تي نعت رسول مقبول صلي الله عليه وسلم جي خوبصورت محفل سجائي ويئي

مٽياري: سنڌ ميمڻ اتحاد جي سرواڻ ۽ پي ٽي آئي اڳواڻ حاجي عبدالرزاق ميمڻ ۽ حاجي نياز حسين ميمڻ پاران جگنو سي اين جي مٽياري تي نعت رسول مقبول صلي الله عليه وسلم جي خوبصورت محفل سجائي ويئي. هن پياري محفل ۾ سنڌ ميمڻ اتحاد جي اڳواڻن، پاڪستان تحريڪ انصاف ضلع مٽياري جي عهديدارن سميت شهر ۽ ڀرپاسي جي عوام ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. هن بابرڪت محفل ميلاد ۾ بلبل بلوچستان سيد سلطان شاهه پنهنجي مٺڙي آواز ۾ ٻنهي جهانن جي سردار حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي شان مبارڪ ۾ ثنا خواني ڪري حاضرين محفل کي جهومائي ڇڏيو. نعت شريف جي بابرڪت محفل ۾ شهر جي مقامي نعت خوانن به مدح سرائي ڪري محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. ميلاد شريف جي محفل دوران سنڌ ميمڻ اتحاد جي حاجي اختر لاکاڻي ميمڻ پاران سنڌ ميمڻ اتحاد جي سرواڻ حاجي عبدالرزاق ميمڻ ۽ ٻين مهمانن کي بغداد شريف جي چادر ۽ تسبيح مبارڪ جا تحائف پيش ڪيا. پروگرام جي ڪمپيئرنگ عبدالرزاق ميمڻ ڪئي. آخر ۾ صلوات سلام ۽ دعا کان پوءِ ميلاد شريف جو لنگر تقسيم ڪيو ويو. ميلاد شريف جي محفل ۾ سيد پير الهيار شاهه هاشمي، سيد اظهر حسين شاهه، سيد جاني شاهه، سيد شهزاد شاهه، مرتضيٰ ميمڻ، سليم ميمڻ، فقير علي اڪبر قادري، حاجي شهزاد ميمڻ، حاجي منظور ميمڻ، حاجي نبيل احمد ميمڻ، گلڻ ميمڻ، علي بخش ميمڻ، حسين ميمڻ، وڏيرو جنيد ميمڻ، ڪوشان ميمڻ، ذوالفقار ميمڻ، حزب الله ميمڻ، رياض ميمڻ، بابو ارشاد ميمڻ، جگنو ميمڻ، صدام ميمڻ، چينوميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

Read Previous

اداڪاره ۽ ماڊل سائره يوسف کي بولڊ فوٽوشوٽ ڪرائڻ مهانگو پئجي ويو، مداحن پاران سخت تنقيد

Read Next

روهڙي : ميتلا ڳوٺ ۾ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ماء ۽ ڌيء زخمي اسپتال متاثر ڌر پاران احتجاج

Most Popular