روهڙي : ميتلا ڳوٺ ۾ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ماء ۽ ڌيء زخمي اسپتال متاثر ڌر پاران احتجاج

سکر(رپورٽر ) روهڙي لڳ ميتلا ڳوٺ ۾ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ماء ۽ ڌيء زخمي اسپتال متاثر ڌر پاران سکرپريس ڪلب ٻاهران احتجاج جوابدار خلاف ڪاروائي ڪرڻ جي گهر ان ڏس ۾ روهڙي تعلقي جي دبر ٿاڻي جي حد ڪنڊي فارم لڳ ڳوٺ ميتلا جي رهواسي پوليس اهلڪار ڀورل ميتلو گهر ڀاتين سان گڏ سکر پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي ٻڌايو ته سنڱاوتي مامري تان سندس سڳي مامي پوليس اهلڪار محمد تڳيل ميتلو صبح جو سوير گهر ۾ داخل ٿي گهر ڀاتين مٿان  فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ مسمات بشيران زال عاشق علي ۽ بختاور ڌيء عاشق علي زخمي ٿي پيون جنهن بعد جوابدار موتمار ڌمڪيون ڏيڻ بعد فرار ٿي ويو واقعي جي رپورٽ حد ٿاڻي تي داخل ڪرائي آھي پر جوابدار خلاف ڪاروائي ناهي ٿي جنهن ڪري مون سميت ٻين گهر ڀاتين کي جوابدار مان خطرو آھي هنن ڊي آء جي سکر۔ايس ايس پي سکر کان گهر ڪئي آھي ته جوابدار پوليس اهلڪار کي گرفتار ڪرائي وڌيڪ جاني ۔ مالي نقصان ٿيڻ کان بچائي تحفظ ۽انصاف ڏياريو وڃي

Read Previous

مٽياري: سنڌ ميمڻ اتحاد جي سرواڻ پاران جگنو سي اين جي مٽياري تي نعت رسول مقبول صلي الله عليه وسلم جي خوبصورت محفل سجائي ويئي

Read Next

صحافي شهيد عزيز ميمڻ جي قتل ۾ ملوث مک جوابدار 9 مهينا گذرڻ باوجدو گرفتار نه ٿيا

Most Popular