ايل اين جي ڪيس: شاهد خاقان ۽ مفتاح اسماعيل مٿان فرد جرم لاڳو

اسلام آباد:   احتساب عدالت ايل اين جي ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي مٿان فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي آهي. احتساب عدالت اسلام آباد پاران اڳوڻي ناڻي واري وزير مفاح اسماعيل ۽ اڳوڻي ايم ڊي پي ايس او شيخ عمران الحق مٿان به فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي آهي. سمورن جوابدارن احتساب عدالت اسلام آباد ۾ ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ايل اين جي ريفرنس ۾ 15 جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو آهي. عبدالله خاقان، فلبپ ناٽمين، چوڌري اسلم، محمد امين ۽ ثنا صادق به جوابدارن ۾ شامل آهن. ضمني ريفرنس ۾ شاهد خاقان جي پٽ عبدالله خاقان کي به نامزد ڪيو ويو هو. چوڌري اسلم شاهد خاقان عباسي جي ايئر لائن جو ايم ڊي آهي جڏهن ته فلپ ناٽمين کي ايل اين جي ٽرمنلز جي لاءِ ڪنسلٽنٽ رکيو ويو هو. ياد رهي ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شاهد خاقان عباسي قطر سان گڏ 15 سالن جي مدي لاءِ 16 ارب ڊالر جي معاهدي کي حتمي شڪل ڏني هئي. ان وقت هو پيٽروليم جو وفاقي وزير هو. پيٽروليم واري وزارت جي ٻن آفيسرن ايل اين جي ڪيس ۾ پنهنجي اڳوڻي وزير شاهد خاقان عباسي جي خلاف سلطاني شاهد بڻجي چڪو آهي. (ن) ليگ جي اڳوڻي حڪومت ۾ ان وقت جي پيٽروليم واري وزير شاهد خاقان عباسي قطر سان ايل اين جي گهرائڻ جو معاهدو ڪيو هو. اڳوڻي وزير تي الزام آهي ته هن ايل اين جي جي درآمد ۽ ورهاست جو 220 ارب روپيه جو ٺيڪو اهڙي ڪمپني کي ڏنو جنهن ۾ هو پاڻ حصيدار آهي. مذڪوره ڪيس ۾ شاهد خاقان عباسي ۽ مفتاح اسماعيل نيب وٽ گرفتار به رهي چڪو آهي. قومي احتساب بيورو اڳوڻي وزيراعظم کي جولاءِ2 2019 ۾ گرفتار ڪيو هو. اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ مفتاح اسماعيل ايل اين جي ڪيس ۾ ضمانت تي آزاد آهن.

Read Previous

تعليمي خرچ پورا ڪرڻ لاءِ امڙ اسڪول وين هلائيندي هئي: عائشه عمر جو انڪشاف

Read Next

پي ٽي آءِ جي سوڀ گلگت جي عوام جو وزيراعظم جي قيادت تي اعتماد جو اظهار آهي: شبلي فراز

Most Popular