مورو اسسٽنٽ ڪمشنر جو پوليس ۽ ميونسپل عملي جي مدد ڪورٽ جي حڪم تي حددخلين خلاف سخت آپريشن

مورو رپورٽر ( محمد انيس ڪلھوڙو )مورو اسسٽنٽ ڪمشنر جو پوليس ۽ ميونسپل عملي جي مدد  ڪورٽ جي حڪم تي حددخلين خلاف سخت آپريشن ريڙھا ،ڇپرا،ڪيبنون ھٽرايون ويون ڪيترن ريڙھن وارن تي ڏنڊ موقعي تي وصول شھرين ۽ اسڪولي شاگردن ۾ خوشي جي لھر پيرائتي خبر موجب،،،،،اسسٽنٽ ڪمشنر مورو احسان الله يوسفزئي ايڊيشنل جج مورو جي حڪم کي لبيڪ چوندي  مورو ٿاڻي جي ايس ايڇ او عبد المنعيم لاڙڪ، ايس ايڇ او درس اسلم سومرو،تاج محمد منگي سان گڏجي مورو شھر جي درس روڊ  دادو چؤنڪ سرڪاري اسپتال روڊ تي وڌايل غير قانوني حددخلين خلاف سخت آپريشن ڪيو روڊ تي وڌايل ڌڪن ڇپرن کي ھٽرائي ڇڏيو ۽روڊ جي حد ۾ رکيل ريڙھن،صندل،۽ڪيبنن کي کڻائي ڇڏيو ۽ڪيترن ئي ريڙھن وارن تي ڏنڊ ھڻي موقعي تي وصول ڪيا ياد رھي ته سرڪاري اسپتال ۽مورو شھرجي دادوچؤنڪ ۾ حددخلين سبب ڪافي رش ھئڻ سسب مريض اسپتال تائين نه پھچي نه سگھندا ھئا ۽ اسڪول ويندڙ ٻارڙا به صبح جو اسڪول ويندي رش سبب پريشان ٿيندا ھئا حددخلين خلاف آپريشن ٿيڻ کان پوء شھرين ۽اسڪولي ٻارڙن ۾ خوشي جي لھر ڊوڙي وئي آھي آپريشن ۾ ٽريفڪ پوليس ميونسپل عملي جي اڳواڻن مشتاق سولنگي اعجاز ڪورائي مڪيش ڪمار نور سمون ۽ٻين به حصو ورتو

Read Previous

نيوسعيدآباد ڀرسان گذرندڙ شاخ راھوجا موري کان ٽگھاٽي موري تائين جي ڪپرن تي ٽائون انتظاميا پاران شھر جو گڏ ڪيل گند اڇلايو پيو وڃي

Read Next

تلھار ۾ گئس جي اڻ اعلانيه لوڊ شيڊنگ ۽ مسلسل گھٽ پريشر سبب شھري سراپا احتجاج

Most Popular