خيرپور : ڳوٺ صدورو جانوري جي رهواسي 4 ساله معصوم نينگر سان ڏاڍائي خلاف سندس وارثن ريلي ڪڍي وئي

خيرپور (رپورٽ: رانجهن شيخ)  خيرپور ڀرسان ڳوٺ صدورو جانوري جي رهواسي 4 ساله معصوم نينگر انصاف علي جانوري سان ڏاڍائي خلاف سندس وارثن جادو شاهه موڙ کان پريس ڪلب خيرپور تائين ريلي ڪڍي وئي، جنهن جي اڳواڻي نينگر جو پيءُ اشفاق جانوري، ارباب فقير جانوري، غلام سرور، محمد دين جانوري، نوڪر علي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، ان موقعي تي هنن ٻڌايو ته 3 ڏينهن اڳ بااثر جوابدار مامو شاهه پٽ رجب علي شاهه اسان جي 4 ساله معصوم نينگر انصاف علي جانوري کي اغوا ڪري ڏاڍائي جو نشانو بڻايو، واقعي جي فرياد بي سيڪشن پوليس کي ڏيڻ باوجود پوليس بااثر جوابدار کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ الٽو اسان کي دڙڪا ڏئي رهي آهي، هنن ٻڌايو ته جوابدار ڌر جا ماڻهو اسان کي خاموش رهڻ لاءِ سخت نتيجا ڀوڳڻ ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، هنن ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

Read Previous

تلھار ۾ گئس جي اڻ اعلانيه لوڊ شيڊنگ ۽ مسلسل گھٽ پريشر سبب شھري سراپا احتجاج

Read Next

مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ڪاليج خيرپور شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪيمپس جي ملازمن پڪو ڪرڻ لاءِ بک هڙتال جاري

Most Popular