وزير اعظم جو ملڪ ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ سسٽم آڻڻ جو اعلان

عمران خان

اسلام آبادوزير اعظم عمران خان اعلان ڪيو آهي ته هو چاهي ٿو ته اهڙو چونڊ عمل هجي ۽ هارائيندڙ ۽ کٽيندڙ ٻئي قبول ڪن ۽ ملڪ ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ سسٽم آڻي رهيا آهيون. سرڪاري ٽي وي تي پنهنجي خطاب ۾ وزير اعظم جو چوڻ هو ته گلگت بلتستان کي صوبو بڻائڻ جو واعدو پورو ڪنداسين، گلگت ۾ ٿڌ جي باوجود ماڻهن ووٽ ڏنو، کين ڀيٽا پيش ڪيان ٿو. هن چيو ته 2013ع جي اليڪشن جي باري ۾ سمورين سياسي پارٽين چيو ته ڌانڌلي ٿي آهي، مسلم ليگ ن 2013ع جي اليڪشن کٽي پوءِ به چيو ته سنڌ ۾ ڌانڌلي ٿي آهي، تحريڪ انصاف رڳو چار تڪ کولڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، چار تڪن سان ڪا حڪومت ته نه پئي بڻجي، جيڪڏهن چار تڪن جو ٺيڪ طرح آڊٽ ٿئي ها ته خبر پئجي وڃي ها ته خاميون ڪهڙيون هيون. سندس چوڻ هو ته چار تڪ جڏهن نه کوليا ويا ته اسان اسلام آباد ۾ ڌرڻو هنيو، 2013ع جي اليڪشن ۾ ڌانڌلي بابت سموريون شاهديون قانوني فارم تي آنديون ويون. 2018ع کان جي چونڊن بابت هن چيو ته 2018ع جي اليڪشن ۾ رڳو 102 پٽيشنون داخل ٿيون جنهن مان پي ٽي آءِ جي ماڻهن جون 23 پٽيشنون هيون، پي ٽي آءِ 14 قومي اسيمبلي جون سيٽون هارايون جنهن ۾ مارجن گهڻو گهٽ هو، 2018ع جي اليڪشن ۾ ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي گڏيل طور تي 24 پٽيشنون داخل ڪيون. وزير اعظم جو چوڻ هو ته آزاد ڪشمير ۽ سينيٽ جون چونڊون به اچڻ واريون آهن، سينيٽ چونڊون شو آف هينڊ هجن ۽ ان لاءِ ترميمون آڻي رهيا آهيون. هن اعلان ڪيو ته 90 لک سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ اهڙو سسٽم آڻي رهيا آهيون جنهن سان هو پوري طرح پاڪستان ۾ اليڪشن ۾ حصو وٺي سگهن ٿا جڏهن ته ملڪ ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ آڻي رهيا آهيون جيئن اهڙو چونڊ عمل ٿئي جنهن کي سڀ قبول ڪن.

Read Previous

ڪشمور پريس ڪلب آڏو ٺل جي شھرين عليشا زيادتي واقعي خلاف ھٿن ۾ عليشا جون تصويرون کڻي احتجاجي مظاهرو

Read Next

پاڪستان سپر ليگ فائنل: ڪراچي ڪنگز ۽ لاهور قلندرز اڄ مهاڏو اٽڪائيندا

Most Popular