پاڪستان سپر ليگ فائنل: ڪراچي ڪنگز ۽ لاهور قلندرز اڄ مهاڏو اٽڪائيندا

ڪراچي:   پاڪستان سپر ليگ 2020 جو فائنل اڄ ڪراچي ڪنگز ۽ لاهور قلندرز وچ ۾ کيڏيو ويندو. ٻئي ٽيمون پهريون ڀيرو ايونٽ جي فائنل ۾ پهتيون آهن ۽ سوڀ ماڻڻ لاءِ پرعزم آهن. ميچ رات جو اٺين وڳي ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو.  پلي آف مرحلي ۾ ڪراچي ڪنگز ملتان سلطانز کي شڪست ڏئي فائنل لاءِ جڳهه ٺاهي.  پي ايس ايل ۾ ٻئي ٽيمون هينئر تائين 10 ڀيرا آمهون سامهون ٿيون آهن ڇهه ڀيرا سوڀ ڪراچي ته چار ڀيرا لاهور جي حصي ۾ آئي آهي. هلندڙ سيزن ۾ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 2 ميچ ٿيا. هڪ ميچ ڪنگز ۽ هڪ قلندرز پنهنجي نالي ڪيو. ڪراچي ڪنگز وٽ بابر اعظم ۽ محمد عامر جهڙا بهرين رانديگر آهن. لاهور قلندر ۾ ان فارم محمد حفيظ ۽ شاهين آفريدي به ڌوم مچائڻ لاءِ تيار آهي. لاهور طرفان ڊيويڊ ويزي به اهم رانديگر آهي ۽ ڪراچي ڪنگز کي مشڪل ۾ وجهي سگهي ٿو. ڊيوڊ ويزي گذريل ميچ ۾ 48 رنسون  ٺاهيون ۽ 3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو هو. لاهور قلندرز آخري ميچ ۾ ملتان سلطانز کي 25 رنسن تان  شڪست ڏني هئي. قلندر طرفان ڊيوڊ ويزي ۽ حارث رئوف بهترين بالنگ جو مظاهرو ڪيو. ٻنهي 3-3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.

Read Previous

وزير اعظم جو ملڪ ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ سسٽم آڻڻ جو اعلان

Read Next

اسرائيل کي تسليم ڪرڻ لاءِ پاڪستان مٿان ڪو به دٻاءُ ناهي:پرڏيهي وزارت

Most Popular