ڪشمور پريس ڪلب آڏو ٺل جي شھرين عليشا زيادتي واقعي خلاف ھٿن ۾ عليشا جون تصويرون کڻي احتجاجي مظاهرو

ڪشمور(رپورٽ اعجاز احمد چنہ ) ڪشمور پريس ڪلب آڏو ٺل جي شھرين عليشا زيادتي واقعي خلاف ھٿن ۾ عليشا جون تصويرون کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري گرفتار جوابدار کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ جو مطالبو ڪيو ويو ان موقعي تي حاجي عزير احمد جکراڻي، صفدر علي جکراڻي ،محمد حيات جکراڻي، جلالي حفيظ گولو، سھيل احمد جکراڻي، راشد علي جکراڻي، زاھد جعفري، زيشان نيازي، علي خان دايو احمد نواز جعفري علي بخش جکراڻي، ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عليشا سان ٿيندڙ دردناڪ واقعي ھر انسان جي دل لوڏي ڇڏي آهي اسين ٺل جا نوجوان ڪشمور پھچي عليشا ۽ ماءُ تبسم سان ٿيندڙ زيادتي تي يڪجهتي جو اظهار ڪيون ٿا ۽ اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيون ٿا ته گرفتار جوابدار خيرﷲ بگٽي کي به ڪيفر ڪردار تائين پهچائي نياڻي عليشا سان انصاف ڪيو وڃي

Read Previous

دادو جي صدرسٽي ڪالوني جي بلڊر۽ پوليس اھلڪارخلاف ڪورائي برادري جو دادوپريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو

Read Next

وزير اعظم جو ملڪ ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ سسٽم آڻڻ جو اعلان

Most Popular