ٺٽي جي ور شهر جو همراه نالي لياقت آرفاڻي جناح اسپتال ڪراچي مان سندس بيڊ تان پراسرار نموني غائب,وارثن پاران جناح اسپتال ڪراچي انتظاميا پاران گم ڪرڻ جو الزام

ٺٽو( رپورٽ.يارمحمدميربحر )ٺٽي جي ور شهر جو همراه نالي لياقت آرفاڻي جناح اسپتال ڪراچي مان سندس بيڊ تان پراسرار نموني غائب,وارثن پاران جناح اسپتال ڪراچي انتظاميا پاران گم ڪرڻ جو الزام,گذريل ڏينهن سندس وارثن ۾ سندس ڀاء نيڪ محمد عارفاڻي,سندس امڙ ۽ گهر ڀاتين  صحافين اڳيان دانهين چيو ته اسان جو همراه لياقت عارفاڻي زهني مريض  ھو,جنهن جي علاج خاطر کيس جناح اسپتال جي دماغي وارڊ ۾ داخل ڪرايو ويو هو,جتي سندس علاج هلندڙ ھو,جيڪو اوچتو سندس بيڊ تان غائب ٿي ويو آھي,جنهن کي چار ڏينهن گذري ويا آھن,جنهن بابت اڃان تائين ڪابه خبر نه پئي آھي,جڏھن ته وارثن جي پڇا ڪرڻ تي جناح اسپتال انتظاميا چوي ٿي ته اسان  ضموار نه آھيون ,ھنن وزير اعلا سنڌ سيد مراد علي شاه ۽ ٻين وسوارن کي اپيل ڪئي آھي ته گم ٿيل همراه لياقت عارفاڻي هٿ ڪري اسان جي مدد ڪئي وڃي

Read Previous

صحت مند معاشري لاءِ راندين جون سرگرميون ڪرڻ انتهائي سٺو سنوڻ آهي : صوبائي اڳواڻ سيد شفقت شاهه

Read Next

سينٽر فار پيس اينڊ ڊويلپمينٽ انيشيئيٽوز پاڪستان ۾ بجيٽ اندر شفافيت جي صورتحال بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي

Most Popular